ڀِنلَ اکين جي مَاڪَ، ته ڏِسُ!
اُجڙيل دل جي ڪاَڪَ، ته ڏِسُ!
مجبور ڀلا، ڪاڏي وڃن؟
حُسنَ جي هر هنڌ هَاڪَ، ته ڏِسُ!
ميخاني ۾ پيا آهن
ساقيءَ جا هيراڪ، ته ڏِسُ!
حَقَ جا هُوڪا، خُوب هڻن
ماڻهو هي بيباڪ، ته ڏِسُ!
ڪيڏو رات، رُنا آهن
ٿَڪل اکين جا ٿاڪ، ته ڏِسُ!
دل جي دنيا، ڀُورا ٿي
چِڪيلَ دل جا چاڪ، ته ڏِسُ!
”حَسنُ“ اَڪيلو، سالن کان
تنهائيءَ جا تَاڪَ، ته ڏِسُ!