شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

جيڏي اُلفت، گھڻي ٿيندي

جيڏي اُلفت، گھڻي ٿيندي
دل کي حسرت، گھڻي ٿيندي

تون مان ڪاٿي به هُجئون ليڪن
دوست ! ضرورت، گھڻي ٿيندي

جي سِڪَ ۾ خُلوص، سچائي آ
پيار جي رحمت، گھڻي ٿيندي

اُلفت وارن جي مٿان اڪثر
رَبَ جي قدرت، گھڻي ٿيندي

هڪڙي ڏينهن تون ڏسجان توکي
مون سان چاهت، گھڻي ٿيندي

تون جي سَاڻُ، هوندين مون سان
جسم ۾ طاقت، گھڻي ٿيندي

پيارَ وارن کي، تنهائيءَ ۾
حُسنَ تي حيرت، گھڻي ٿيندي

مرد جي ڀيٽ ۾ ڏسجان ”سَرڪي“
جڳ ۾ عورت، گھڻي ٿيندي