شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

مارا ماري، چُوٽَ تي آهي

مارا ماري، چُوٽَ تي آهي
دنيا داري، چُوٽَ تي آهي

ترقي هاڻي ڏاڍي ٿيندي
اَڄُ جي ناري، چوٽ تي آهي

رُوح کڄي ويو آهي اَدبَ کان
ڇو جو، ياري، چوٽ تي آهي

رُوز مَرن ٿا ماڻهو، پُوءِ به
ڀائيواري، چوٽ تي آهي

ڇُو نهاري، ڪُوجهيءَ ڏي ڪوئي؟
عورت پياري، چوٽ تي آهي

سَڀُ ڪُجهه پئسو هوندو ناهي
پهريداري، چُوٽَ تي آهي

ڏُوهَه ڀَلا ڇو نه وڌن ”سَرڪي“
ڪارو، ڪاري، چوٽ تي آهي