شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

پَتُو زندگيءَ جو نه هرگز پَوي ها

پَتُو زندگيءَ جو نه هرگز پَوي ها
اگر پيار ڪنهن سان، ڪڏهن ڪين ٿي ها

ڪيان پيار توسان، مان ڪهڙي خوشيءَ ۾
اهي لفظ سامهون، نه مون کي چوي ها

اَچي سيج منهنجي، سَجائي ها سائين
مان سمجهان هان منهنجو، کُلي بخت پئي ها

ڊگھي ڪنهن مسافت جي منزل ڏيکاري
مسافر کي اڌ ۾، ڇڏي نه وڃي ها

زماني ۾ هر ڪو ٿو مسرور گھاري
اسان کي به جيڪر، خوشي ڪا ملي ها

ڏسان ٿو چُمان ٿو، لڪيرن کي هر هر
”حَسنَ“ نانءُ پنهنجو، نه هٿ تي لکي ها