شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

(ڌيءَ پارس جي پيدائش تي)

(ڌيءَ پارس جي پيدائش تي)

ڀاڳن واري آئي، پارس
ڏينهن ڀلي ۾ ڄائي، پارس

منهنجي مَنَ ۾ مُونجهه هُئي جا
اَچڻ سان مُونجهه مٽائي، پارس

اهڙي ڪنهن جي نياڻي ڪونهي
جهڙي مون آ، پائي، پارس

رات وڌي آ، روشن ٿيڻ لئه
اڌ رات جو آ، ڄائي، پارس

سُرهو جيون آهي ٿي ويو
مالڪ! پاڻ، ملائي، پارس

جهڙو نالو امڙ ڇـٺيءَ جو
اهڙي پَرورَ، بڻائي، پارس

مون کي ڏاڍي پياري آهي
ماکي، مصري، لائي، پارس

سُونُ سراپا، پارس، بابا
سونُو رُوپ ٿي، آئي، پارس

مُولا کيس، حياتي بخشي
بڻبي نيٺ ته، مائي، پارس

سُرهي سَاوڪَ، وانگي ”سَرڪي“
شاد هجي شل، سائي، پارس