پنهنجي نگري پيار جي نگري
آهي مَنَ ۾ يار جي نگري
ماري، جيئاري مرَضي ٿس
آهي هيءَ، اعتبار جي نگري
ياد جا پُوپٽَ اُڏري آيا
صُبح سَويري سار جي نگري
هر هڪ گهر جي، سُونهن ٿئي ٿو
معصوم چهرو ٻار جي نگري
سُوچ ۾ ساگر جهڙيون ڇُوليون
نيڻن ۾ آ، نار جي نگري
ٻُڌڻ ۾ ڪيئي سَازَ اچن ٿا
تنبوري ۾ تار جي نگري
توئي کٽيو آهي هميشه
منهنجي مَنَ ۾ هار جي نگري
پنهنجو پاڻ ۾ دنيا ”سرڪي“
سُونهن سَڄي سنسار جي نگري