شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

جڏهن کان اوهان هي، ڇڏيو شهر آهي

جڏهن کان اوهان هي، ڇڏيو شهر آهي
تڏهن کان اسان تي، کليو شهر آهي

مَٽي مُنهن اسان کان، اوهان ڇا ويا هو
لڳي ٿو رُٺو ڄڻ، سڄو شهر آهي

نه سپنا اُهي، رُونقون اڄ ڏسان ٿو
سُڃُو ٿي اکين جو، ويو شهر آهي

سوا تو اُو سائين اسان کي قسم تي
هي ويران اڪثر، لڳو شهر آهي

چَري دل روئڻ مان نه ٿيندئي ڪڏهن ڪجهه
ڪري مَاٺِ هَلُ تون، چيو شهر آهي

نه ساڳيون خوشيون هن نه ساڳيا ترانا
ٿي موهن جو کنڊر، ويو شهر آهي

پرينءَ جو سهارو، جيئڻ جو جياپو
”حَسنَ“ خيرپور جو، مليو شهر آهي