شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

گُلن ۾، گُلن جي، نه خوشبو، رهي آ

گُلن ۾، گُلن جي، نه خوشبو، رهي آ
پنهنجن ۾، پنهنجن جي، نه خوشبو، رهي آ

اکين کي، اکين سان، ملائي ڪندس ڇا؟
اکين ۾، اکين جي، نه خوشبو، رهي آ

ڇِني ساٿ، هاڻي ٿو هٿڙا ملائين
هٿن ۾، هٿن جي، نه خوشبو، رهي آ

جواني سجائي، پري ڪر، لبن کي
لبن ۾، لبن جي، نه خوشبو، رهي آ

نڀائڻ جو واعدو، نڀائي نه سگهندين
وچن ۾، وچن جي، نه خوشبو، رهي آ

ڪڍي لاَهَه مذهب، ڇڏيا يَارَ آهن
مُلن ۾، مُلن جي، نه خوشبو، رهي آ

”حَسنَ“ آدمي ٿو ماري آدميءَ کي
ماڻهن ۾، ماڻهن جي، نه خوشبو، رهي آ