ياد جو توکي ڪيم، ڪلهه رات جو
دير سان ڏاڍو ستم، ڪلهه رات جو
ڇِرڪُ نڪري ويو، اُٿي ويهي رهيم
خواب ڪو اهڙو ڏٺـم، ڪلهه رات جو
چنڊ سان ڳالهيون ڪري، ڪي پيار جون
بس! پئي تارا ڳڻيم، ڪلهه رات جو
پاڻ ويهي، جِتِ ڪيون سي ڳالهڙيون
اُت خيالن سان ويم، ڪلهه رات جو
پيار جي هرڪا گھڙي سامهون هُئي
يادگيرين سان رنم، ڪلهه رات جو
اڄ به دل، تو لئه چَري بيتاب آ
مان ته تنهنجو ئي هيم، ڪلهه رات جو
سَارَ جي گُهلندڙ هوائن سان ”حَسنَ“
شِعرَ ڪي لکندو رهيم، ڪلهه رات جو