مُرڪَ چهري تي خوشي، ڏسجي نه ٿي
رُوحَ ۾ ڪا تازگي، ڏسجي نه ٿي
بس رُڳو ٿيون نفرتون هتڙي ملن
پيار واري ڪا گھڙي، ڏسجي نه ٿي
ڪُوڙ، ڌُوڪو، ويو وڌي سنسار ۾
ڳالهه ڪنهن ۾ ڪا سچي، ڏسجي نه ٿي
جنهن گھٽيءَ مان روز ٿيندو هو گُذرُ
سَا گھٽي اڄ ڪلهه مٺي، ڏسجي نه ٿي
هن اڄوڪي دؤر ۾ منهنجا مٺا
سُونهن ۾ ڪا سادگي، ڏسجي نه ٿي
بي سَتُو جيون ڏسي تون ڇا ڪندين؟
زندگيءَ ۾ زندگي، ڏسجي نه ٿي
دل لڳيءَ جي درد کي ڪاڏي ڪيان؟
دل لڳي ڪائي ڪٿي، ڏسجي نه ٿي
ڇُو انڌيرو ئي انڌيرو آ، ”حَسنَ“
رُوشني هِنَ جُوءِ ۾، ڏسجي نه ٿي