شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

پنهنجا غيرن سان گڏجي ويا

پنهنجا غيرن سان گڏجي ويا
سَڀُ خواب اڌورا رهجي ويا

تنها جيون ڪنهن رِڻَ وانگي
جيئڻ جا سهارا کسجي ويا

لاَٽَ سڀاڳي، ڪاٿي ڳُولهيان؟
اُوندهه ۾ سويرا رلجي ويا

ماڻهو ساڳيا هن سنسار ۾
رُوپ نَوان ڌاري مٽجي ويا

ساٿ نڀائڻ لاءِ جنهن به چيو
ٻٽڙي قدم هلي وٺجي ويا

نانو لکياسين جنهن به شَجرَ تي
وَڻَ اُهي سارا وڍجي ويا

”حَسنَ“ ڪئي ڇا ڪنهن سان اُلفت؟
پاڙي وارا سَڀُ جَلجي ويا