(ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ياد ۾)
مير واهه جا وَڻَ، پڇن ٿا
مينهن جا ڪي ڌَڻَ، پڇن ٿا
تنوير، ڪاڏي ويو؟
گُهلندڙ، مست هوائون
ماڻهن جا مَڻَ، پڇن ٿا
تنوير، ڪاڏي ويو؟
”ٻي“ ”ٻي“ ڪنديون ٿيون وڃن
ٻڪرين جا َٿڻَ، پڇن ٿا
تنوير، ڪاڏي ويو؟
هَانَو جي ٺار جا هُوڪا
۽ لسي، مَکڻَ، پڇن ٿا
تنوير، ڪاڏي ويو؟
”حَسنَ“ اُداسي ڇانيل
وَستي، وَاهُڻ، پڇن ٿا
تنوير، ڪاڏي ويو؟
(نامياري شاعر ادل سومرو جي هڪ مشهور دوهي
”ميرواهه جا وڻ پڇن ٿا“ کان متاثر ٿي لکيل)