شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

مَنَ ۾ اُڌما، جاڳن ٿا پيا

مَنَ ۾ اُڌما، جاڳن ٿا پيا
سُورَ ۽ صدما، جاڳن ٿا پيا

ننڍ به جاڳ ۽ جاڳ به ننڍ آ
پنڇي پيار جا، جاڳن ٿا پيا

لاٽ به ٻاٽ ۽ ٻاٽ به لاٽ آ
اکين ۾ سپنا، جاڳن ٿا پيا

مُرڪَ به لُڙڪَ ۽ لُڙڪَ به مُرڪَ آ
ٽَهڪَ نرالا، جاڳن ٿا پيا

ڏينهن به رات ۽ رات به ڏينهن آ
نيڻ جُهڙالا، جاڳن ٿا پيا

نفرت، الفت، الفت، نفرت
دوست حوالا، جاڳن ٿا پيا

ڪهڙي، ڪهڙي ڳالهه ٻُڌايان؟
مون سان ڇا، ڇا، جاڳن ٿا پيا

سنسارُ سَڄُو، سڄڻ جو سَايُو
”سَرڪِي“ پارا، جاڳن ٿا پيا