شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

(سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌيءَ جي نانءُ)

(سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌيءَ جي نانءُ)

گُل سَندُو گلدان هو، سرمد سنڌي
سَازَ جو سلطان هو، سرمد سنڌي

پيار جي هُو راهه تي نڪري پيو
عشق جو ميدان هو، سرمد سنڌي

سنڌ جي هُو چاهه ۾ گُمُ ٿي ويو
نَانوَ جو رحمان هو، سرمد سنڌي

نياز، نوڙت، ساڻ هو ملندو هيو
سيبتو انسان هو، سرمد سنڌي

ماءُ اهڙو شل وري پُٽڙو ڄَڻي
خيرپور جو خان هو، سرمد سنڌي

راهه ويندي نيٺ هُو وڇڙي ويو
ڄَڻُ ته ڪُو مهمان هو، سرمد سنڌي

مان به شيدائي بَڻيمُ هُنَ جو ”حَسنَ“
سنڌ جي پهچان هو، سرمد سنڌي