پنهنجي پاران
دل جي دنيا ۾ جيڪي خواب ۽ خواهشون جنم وٺن ٿيون. انهن خوابن ۽ خواهشن جي ڳولها ۽ پُورائي لاءِ انسان کي وڏا جتن ڪرڻا پون ٿا. جستجو ۽ آرزو ئي آهي جيڪا انسان کي لاڳيتو لوڙائي ٿي ۽ ان لوڙ ۽ ولوڙ جي ڪري زندگيءَ کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پئي ٿو. زندگي به عجيب آهي ڪڏهن غمگين دنيا ۾ ته ڪڏهن خوشين جي تمنا ۾.
زندگيءَ ۾ هر ڪو ماڻهو چاهيندو آهي ته هو جيڪو ڪجھه ڏسي يا جيڪو ڪجھه محسوس ڪري ان جي هر اها محسوسات يا ڳالهه پوري ٿي جيڪا هو چاهي ٿو مگر ڪي خواهشون ۽ خواب اهڙا هوندا آهن جيڪي پورا ٿيندي به ٿي ناهن سگهندا اهڙيون ضرورتون جيڪي ساري دنيا کان انمول ڀاسنديون آهن ۽ زندگيءَ لاءِ اهم ٿي وينديون آهن. ٻين لفظن ۾ جسم جو حصو بڻجي وينديون آهن.
اهي ضرورتون ۽ اهم ڳالهيون رڳو ڳالهيون ئي رهجي وينديون آهن جن جو ذاتي زندگيءَ ۾ وڏو عمل دخل هوندو آهي. مون به ڪيئي ڀيرا پنهنجي منهن ويهي ڪري سوچيو آهي ته اهو آخر هڪ احساسي ۽ جذباتي ماڻهوءَ سان ائينءَ ڇو ٿو ٿئي؟ ڪيئي ڀيرا پاڻ سان ڳالهايو اٿم.
ڪيئي من مان سوال اُڀريا آهن آرسيءَ اڳيان اچي ڪري پنهنجون محروميون چهري تي ڏسي ڪري رُوئڻ به ايندو آهي ۽ وري کل به ايندي آهي ان لُڙڪ ۽ مُرڪ واري ڪيفيت کي ڏسي ڪري پنهنجو پاڻ ۾ هڪ خلش پيدا ٿيندي آهي جيڪا ڀُڻ ڀُڻ ڪري چوندي آهي تون به ڪو يار اياڻو آهين جو ٻارن وانگي ٿوري ٿوري ڳالهه تي اڙجي ٿو بيهي رهين. جيڪو ٿيو سُو ٿيو. دنيا اڳتي پئي وڃي ۽ تون آهين جو اڃان پوئتي پيو ڏسين. واقعي زندگي هڪ جاءِ تي بيهڻ جو نانءُ ناهي. زندگي تبديلي جو نالو آهي. زندگي هڪ اسٽيج آهي جتي هر ڪو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار پيو ادا ڪري وقت جي رفتار ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندي پئي وڃي. اُهي ئي ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻيندا آهن. جيڪي وقت جي رفتا کي ڄاڻي وٺندا آهن. يا وقت سان گڏ هلڻ سکي وٺندا آهن. ڪيئي ڏکيائون ۽ رُڪاوٽون زندگيءَ ۾ آيون مگر بنا ڪنهن همت هارڻ جي انهن سان مقابلو ڪيو اٿم . زندگي ڪيئي ڀيرا مايوس به ٿئي آهي پر پيار جي شڪتيءَ دل شڪتو ٿيڻ ناهي ڏنو پيار ڪنهن سايي جيان منهنجو نگهبان رهيو آهي. مان ڪٿي ڀُليو آهيان يا ڪنهن غلط رستي ڏي ويو آهيان ته محبت مون کي سنڀاليو آهي. منهنجو ساٿ ڏنو آهي. منهنجي وک وک تي رهنمائي ڪئي آهي. دلي احساس ئي انسان کي انسان بڻائي ٿو. ڪنهن ڀُليل کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو. مان به زندگيءَ کان ڀُليل ۽ اڻ وقف انسان انيڪ گهمرائين ۾ ڦاٿل رهيو آهيان. ڄڻ ڪنهن اوڙاهه ۾ جلندو، پڃرندو رهيو آهيان محبت ڪنهن ڏياٽيءَ وانگي انهن اونداهين، مان نرا سائين مان، غفلتن ۽ اوڙاهن مان مون کي ٻاهر ڪڍيو آهي. اصل دڳ لائي مون انڌي کي هڪ اهڙي لاٽ ڏني آهي جنهن ۾ مان هاڻي زندگيءَ جي بلائن کي شڪست ڏيڻ جي سگهه رکان ٿو. مون گهڻو ڪجهه وڃائي گهڻو ڪجھه حاصل ڪيو آهي جيڪي ماڻهو زندگيءَ ۽ محبت کي سمجهي وٺندا آهن انهن لاءِ دنيا ڪجهه به ناهي هوندي. ڪو به مسئلو انهن لاءِ مسئلو ناهي هوندو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هار کي هار ناهي سمجهيو بلڪه هار کي به پنهنجي جيت ڄاتو آهي. مسلسل محبت سان گڏ محنت ڪئي اٿم. زندگي جاڏي به وٺي وئي آهي تاڏي زندگيءَ جي ڪَڍَ ويو آهيان. ڪڏهن به محبت ۽ محنت کان ڪيٻايو ناهي. محبت ۽ محنت مون سان ائينءَ گڏ ، گڏ آهن جيئن دريا جا ٻه ڪنارا. محنت ۽ محبت مون لئه عبادت جيان آهي. پيار پوڄا بڻجي منهنجي نس، نس ۾ شامل رهيو آهي جنهن جي رڳ رڳ ۾ پيار ۽ محبت هجي اهو محبت جون ٻوليون نه ٻوليندو ته ٻيو ڀلا ڇا ڪندو؟ محبت ئي پنهنجو مذهب، دين ۽ ايمان آهي. هڪ محبتي ماڻهو محبت کان پري ڀلا رهي ٿو سگهي؟ هرگز نه! ظاهري محبت جا قائل کوڙ ئي هوندا. اسان ظاهربِينَ وارن مان هرگز ناهيون محبت ته هڪ خيال آهي هڪ اهڙو خيال، جيڪو عاشق ۽ محبوب جي وچ ۾ ڪنهن پُل جيان هوندو آهي تڏهن ته سچل سائينرح چيو ته :
مين ته ڪوئي خيال هان
مل سان نال خيال دي وچ
هڪ ڏينهن پنهنجي والد محترم حاجي محمد سرڪيءَ کان پڇيم ته ڇا اسان جي خاندان ۾ اڳ ۾ ڪو شاعر هيو. تنهن ٻڌايو ته مون کي بچپن کان ڪتابن سان ڏاڍو چاهه هوندو هيو ۽ اسڪول واري دور ۾ هوشيار به ڏاڍو هوندو هيم. جواني ديواني مستاني ٿيندي آهي. جيئنءَ جوانيءَ ۾ پير پاتم ته مان به شاعري ڪرڻ لڳس اڪثر محفلن ۾ مولود ۽ نعتون به چوندو هيم. شاديءَ کانپوءَ ڪن محبورين سبب اهو شوق اڳي جاري نه رکي سگهيس زماني جي گردش ۾ سارا خواب لڙهي ويا. ساڳيا خيال، ساڳيون ڳالهيون اوهان اولاد ۾ ڏسي ڪري ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. اهي بابا سائين جون ڳالهيون مون لاءِ وڌيڪ لاڀائتون ثابت ٿيون. مون کان اڳ ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ گل حسن سرڪي تڪبنديءَ واري شاعري ۽ ڪي ٻاراڻيون اصلاحي ڪهاڻيون لکندو هيو. ۽ کيس ڳائڻ وڄائڻ سان به ڏاڍو شوق هوندو هُيو. مولود، نعت به بابا سائين وانگي چوندو هو. طرزيا ڌُهنن تي ڪلام لکي ڪري انهن کي پنهنجي آواز ۾ ڳائيندو هو. سرمد سنڌي جي وفات کان پوءِ ڀاءُ گل حسن جا سارا شاعراڻا خيال توڙي گائڪي ختم ٿي وئي. سرمد سنڌيءَ سان ادا گل حسن جو ڪُو روحاني ناتو هيو جو سرمد سنڌيءَ ڀاءُ گل حسن کي ”سرمست سنڌيءَ“ جو لقب به ڏنو هو. ڀاءُ گل حسن سرڪيءَ جو گائڪيءَ ۾ آواز هُو بهُو سرمد سنڌيءَ جهڙو هو. جو کيس هر ڪو سرمد سنڌي به چوندو هو. وقت انسان کي الائي ته ڪٿان کان ڪٿي ٿو پهچائي ڇڏي. جو انسان سوچي ڇا ٿو؟ ۽ ٿي ڇاٿو وڃي. ڪجھه اهڙي وارتا اسان سان به رهي آهي. اها محبت ئي آهي جيڪا لکرائي ٿي محبت سوا هوند مان سٽ به ناهيان لکي سگهندو. محبت ئي شاعر بڻايو. علم ادب جي سمجهه ڏني. محبتي ماڻهن سان ملڻ جو موقعو ڏنو انهن جي ڪچهرين ۾، محفلن ۾ وڃڻ جو اتساهه ڏنو.
هڪ اهڙو محبتي ماڻهو جيڪو ادبي دنيا ۾ قطعي ۽ رُباعي جو شهنشاهه شاعِرَ طور مشهور هو. خيرپور جي جيئري جاڳندي تاريخ هيو. حافظو ايترو جو کيس ورهين جون تاريخون بزبان ياد هونديون هيون جنهن جي نانوَ کان نئين ٽهيءَ جا شاعر، اديب چڙ کائيندا هيا. ڇو جو هو علم عروض بحر وزن جو استاد الشعراءُ شاعر هيو. هُن کان ان ڪري به شاعر، اديب ونئون ويندا هيا جو هو سڀ کي سامهون حق سچ چوندو هيو. اهڙا سچا ۽ مُنهن تي چوڻ وارا شاعر، اديب مان گهٽ ڏٺا آهن.
جيڪي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي وڏي واڪي ڪنهن کي حق سچ چون. برحال اڄ دنيا منافقن سان ڀري پئي آهي اگر ڪو سچو ماڻهو ڪنهن کي ڪٿي ملي به پئي ته غنيمت سمجھجو. اهڙو کرو محبتي ماڻهو منهنجو استاد، منهنجو مُحسن اميد خيرپوري آهي. جنهن جي محبت، خُلوص، پنهنجائپ، مٺڙين، ڳالهين، ڪچهرين ايڏو ته اثر ڪيو جو مان سندس شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيس. ۽ استاد اُميد ڏي پنڌ ڪندو رهيم ۽ استاد جي شخصيت ۽ محبت جو اهو اثر ٿيو جو مان شاعري ڪرڻ لڳس. ڪجھه استاد جي محنت ڪجھه پنهنجي محنت، ائينءَ منهنجو شمار به شاعرن ۾ ٿيڻ لڳو جو اڄ ڏينهن تائين شاعري کان ڪنارو ناهيان ڪري سگهيو.
دلي احساسن ۽ جذبن جو نالو شاعري آهي شاعري کي الهام به چيو ويندو آهي هي هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جيڪا هر عام ماڻهوءَ کي نصيب ناهي ٿيندي شاعري ڪنهنکي ڪنهن کي، عطا ٿيندي آهي. هي هڪ پيغمبري رستو آهي. جتان خدا جي خدائي جو ڏس ملي ٿو. شاعري هڪ اهڙو آواز آهي جيڪو هڪ شاعر ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. نت نوان خيال ۽ احساس لفظن جو روپ وٺي ڪاڳر تي اچن ٿا ۽ لفظن جي مالها جُڙي پئي ٿي. شاعر ماڻهو جتي دلي ڪيفيتن جي اپٽار ڪري ٿو. اتي هو ٻين ماڻهن جي حالتن جو آئينو به چٽي ٿو. شاعر جي نظر عام ماڻهوءَ جي نظر کان مختلف ٿئي ٿي.شاعر ويٺي ويٺي پوري دنيا جا سيئر ڪري ٿو. احساسن ۽ جذبن جي آڌار تي اهڙا خيال لکي ٿو جنهن ۾ پيغام آهي ميٺ محبت، پيار خلوص، سڪ الفت، قربُ ۽ پنهنجائپ جو - مون جيڪو ڪجھه لکيو آهي.اهو منهنجي ذاتي زندگيءَ جو نچوڙ آهي. جيڪو ڪجھه مون پنهنجي آس پاس يا ماحول ۾ ٿيندي ڏٺو آهي يا جيڪو ڪجھه محسوس ڪيو آهي انهن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي. اهي لفظ ئي شاعر وٽ هوندا آهن جيڪو هو ٻين کي ارپي ٿو. مون به پنهنجا سادا سودا لفظ جوڙي شاعري جي ويسَ ۾ اوهان جي آڏو آندا آهن.اها منهنجي پنهنجي حالتن جي پيداوار شاعري آهي. جيڪي وقتي حالتن مون کي لکرايو آهي مون ان کي لکيو آهي ۽ مسلسل لکندو رهيو آهيان ڪڏهن به ٿڪو ناهيان جي ٿڪو به آهيان ته شاعري جي وڻ هيٺيان ڪجھه آسيسُ وٺي ٿڪ ڀڳو اٿم. ۽ لکڻ سان روحاني چين حاصل ٿيو اٿم.
لکڻ جو ڪو هڪ وقت ڪونهي هوندو. مختلف وقتن ۾ مون شاعري ڪئي آهي. ڪڏهن قلم کڻي شاعري ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿم. لکرائڻ وارو لکرائيندو آهي ته لکي وٺندو آهيان نه ته مهينن جا مهينا ٿي ويندا آهن هڪ سٽ به لکي ناهيان سگهندو.
شاعريءَ کي مون هميشه اولاد جيان سمجهيو آهي. اولاد لاءِ به ماڻهو ڪيئي سپنا دل ۾ سانڍي ٿو. انهن جي پرورش، پالنا، نشونما ڪري ڪنهن منزل تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ائينءَ ئي اڄ پنهنجي شاعريءَ جو ڪجھه حصو هن پهرين شعري مجموعي ”اَڃان سوچ ۾ آهيان“. ۾ ڏئي ڪري هڪ ته دلي سپنو پورو ٿيو آهي ٻيو ته ايتري خوشي ۽ راحت ملي آهي جو مان لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهان. ائينءَ سمجهيو. اڄ شعري مجموعو ”اَڃان سوچَ ۾ آهيان“ منظر عام تي آڻي ڪري ڄڻ ورهين جا ٿڪ لهي ويا هجن ۽ نيڻن کي اهڙي تراوت ملي آهي جو انگ انگ ٺري پيو آهي مَنُ خوشيءَ منجهان ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان چلولايون ڪندي ماضيءَ جي حسين شامن ۾ گم ٿي ويو آهي. هن محبت جي سفر ۾ جن به منهنجو ساٿ ڏنو آهي منهنجا حوصلا ۽ اردا وڌايا آهن، منهنجا ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. انهن مهربانن. سڄڻن، قربائتن، يارن دوستن، مٽن، مائٽن، پنهنجن توڙي پراون جالک قرب اڻ کٽ ٿورا.
پر پوءِ به سمجهان ٿو ته انهن پرين پيارن جا ڪجھه نالا کڻي دل جو بار هلڪو ڪيان. سنڌي ٻوليءَ جي نالي واري ليکڪ، براڊ ڪاسٽر ۽ سهڻي شاعر محترم ڪوثر ٻرڙو جا تمام، تمام گهڻا ٿورا جو هو وقت به وقت مون ناچيز کي شعري مجموعي چپرائڻ لاءِ همٿائيندو رهيو ۽ پنهنجي مصروفيتن مان ڪجھه وقت ڪڍي ڪري مون کي ڪتاب لاءِ هڪ سهڻو ۽ پيارو مهاڳ لکي ڏنو.
سائين ادل سومرو منهنجو هميشه مَنَ گُهريو شاعر رهيو آهي جنهن جي شاعري ۽ مٺڙي شخصيت منهنجي لاءِ راهه مشعل رهي آهي. ان من گهري سائينءَ منهنجي لاءِ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيو آهي سچ ته مان پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز ٿو سمجهان. پنهنجي محبوب شاعِرَ پياري ادلَ سومري جا جيترا ٿورا مڃان تيترا گهٽ آهن.
مٺڙي امر اقبال جا به وڏا وڙ جو هن ڪجھه تاثراتي سٽون لکي ڪري مون کي مان بخشيو آهي.
ساجد جماليءَ جو ساٿ ڪتاب جي ڇپائيءَ تائين مون سان رهيو آهي ساجد کي مان هميشه استاد اميد خيرپوري واري نظر سان ڏسندو آهيان ڇو جو ساجد جمالي استاد اميد جو ادبي وارث آهي. استاد اميد زندهه هجي ها ته پنهنجي هن ادبي شاگرد تي ڪجھه لکي به ها ۽ هي شعري مجموعو ڇپل ڏسي خوش به ضرور ٿئي ها مگر اڄ هو اَبَدي دنيا ۾ آهي. مالڪ کيس پنجتن جي ڇانوَ ۾ رکي . آمين.
ساجد جمالي مون کي تاثر ۾ لفظن جو جيڪو خراج بخشيو آهي اهو منهنجي لاءِ وڏي معنيٰ رکي ٿو. جنهنکي مان پنهنجي استاد اميد خيرپوريءَ جو ڏنل خراج ٿو سمجهان.
پوپٽ اداري جي روح روان ۽ مشهور سفر نگار. سائين قربان منگيءَ جو جهڙو نالو آهي تهڙو ئي هي مڙس مٿيرو آهي. قربان منگيءَ جهڙا مرد پنهنجي قول فعل جا سچا مون گهٽ ڏٺا آهن.
مون سان ڪتاب ڇپرائڻ جو واعدو ڪيائين ۽ اهو واعدو پنهنجو پورو ڪيائين. هن مولائي ماڻهوءَ جا ڪهڙا ڳڻ ڳايان. جنهن کان سدائين مون کي پنهنجن کان وڌ پنهنجائپ ملي آهي.
پياري آصف نظاماڻي ۽ عرفان ڀُٽو جو به ٿورائتو آهيان جن منهنجي هِنَ پهرئين شعري مجموعي کي نِهايت پيار ۽ خلوصَ مان ڪمپوز ڪيو.
شاعري ڪرڻ آسان ڪم ڪونهي جنهن لاءِ وڏي مٿا کوهه ڪرڻي پئي ٿي ڪي گهٽ وڌايون به هونديون. ڪٿي ڪي ڪچايون، ڦڪايون ضرور هونديون. شاعر به انسان ئي ٿيندا آهن. انسان ناتي ڪي غلطيون ڪي ڪوتاهيون به هونديون. منهنجي شاعري هاڻي منهنجي ناهي رهي اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي هي منهنجو پهريون شعري مجموعو آهي ان ۾ ڏنل شاعري اوهان کي ڪيئنءَ لڳي آهي.اوهان پڙهندڙ ئي بهتر ڄاڻو ٿا. اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.
نه چاهيندي ڀي دل لڳي ٿي ويندي آ
منهنجي گهرَ جي هُوءَ روشني ٿي ويندي آ
خيالن ۽ خوابن ۾ رهندو مان آهيان
ڪندو ناهيان، بس شاعري ٿي ويندي آ
علي حسن سرڪي
نزد سرڪي موڙ
لقمان خيرپور ـــ سنڌ.
25 جولاءِ 2015ع
رابطو:
0308-3629021
0313-5787110