شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

تنها رهجي ويا سين، تنهنجي شهر ۾

تنها رهجي ويا سين، تنهنجي شهر ۾
تنهنجي ڪاڻ رلياسين، تنهنجي شهر ۾

توکي اپنائڻ جي، خواهش رکي
ڳُوٺ ڇڏي آياسين، تنهنجي شهر ۾

اَرمان اَڌورا، رهجي ويا سارا
ڪيڏا خواب ڏٺاسين، تنهنجي شهر ۾

هر ڏينهن، ڏهينءَ وانگي ٿو گُذري ڄَڻُ
ڪارا ويس ڪياسين، تنهنجي شهر ۾

خوشيون ساريون، توکي اَرپي سائين
ڪيڏا سُورَ سٺاسين، تنهنجي شهر ۾

پرچائڻ وارو، هڪ تون ئي ته هُئين
ٻارن وانگي رناسين، تنهنجي شهر ۾

تون سهيلن سان، ڏاڍو خوش ٿي گُهمين
تو لئه دوست ڇڏياسين، تنهنجي شهر ۾

ڪنهن درد نه سُڃاتو، اڄ تائين ”حَسنَ“
تُوڙي جو تڙپياسين، تنهنجي شهر ۾