شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

اسان سان ٺهيل هي، زمانو به ڪونهي

اسان سان ٺهيل هي، زمانو به ڪونهي
جيئڻ لاءِ ڪوئي، بهانو به ڪونهي

وَڏا کيڏ ڏسڻا پيا زندگيءَ جا
اُهو وقت ساڳيو، سهانو به ڪونهي

وڃي ميڪدي ۾، سُڪون ماڻبو هو.
کُليل هاڻي ڪوئي، ميخانو به ڪونهي

کڻي گَزُ، ڪَمان، مون سيکاريو هو جنهنکي
سوا منهنجي ڪوئي، نشانو به ڪونهي

اَلائي ته ڇا، ٿي ويو آهي هُن کي؟
اَڳي جهڙو تازو، توانو به ڪونهي

بنا ڪنهن فڪر جي، حياتي پئي گذري
”حَسنَ“ اهڙو ڪُو، آشيانو به ڪونهي