شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

شاعري، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

شاعري، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ
ڊائري، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

دل جي ڌهڙڪن تي، رکي هَٿُ، تو چيو
دل لڳي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

دوست! تنهنجي دوستيءَ جو، آ، قسمُ
دوستي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

عاشقن جي ذات ڪا، ٿيندي نه آ
عاشقي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

تون چَريو، جنهنکي، چوين ٿي، اڄ هتي
سُو چَري، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

ڪُو شرابي، پاڻ، ٿيندو، آ، ڪٿي؟
مئڪشي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

دلربا! توکان، وفا ٿيندي ڪڏهن؟
دل سَچي، دل جي ڪٿا جو، نانءُ آ

هوءَ جيڪا، سُونهن ٿو سامهون ڏسين
سَا، سکي، دل جي ڪٿا جو، نانءُ آ

جيئنءَ ڀي گُذري، گُذاري ڇڏ ”حَسنَ“
زندگي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ