سَچَلَ رحه سَچَ جو سازُ، وڄايو
رنديءَ وارو رازُ، ٻڌايو
ڄَامَ تماچيءَ جي ڳالهه ڪري
نُوريءَ وارو نياز، ٻڌايو
خُوديءَ جي حالت مستيءَ ۾
ڪيئنءَ ڪجي پرواز، ٻڌايو؟
ٻُوڙ ٻيائي، خيال، اَجائي
تون آن شاهه، شهباز، ٻڌايو
منصور جيان، سُولي سجائي
حَقَ سندو آواز، ٻڌايو
وسريو روزو ياد، نماز نه
مست پرينءَ جو ناز، ٻڌايو
آدمعه کان ”حَسنَ“ اڳي ها سين
انساني آغاز، ٻڌايو