مُستقبل جا معمار، اُٿُو
ننڊ نڀاڳيءَ مان يار ، اُٿُو
سنڌڙي پنهنجي سورن ۾ آ
سنڌي سنڌ جا سينگار، اُٿُو
پٽڪو، اجرڪ، ٽوپي پائي
هٿ ۾ ڪهاڙي هالار، اُٿُو
مايوسيءَ جا ڪڪر هٽائي
هڪ طاقت ٿي ڪنڌار، اُٿُو
جيئي سنڌ جا نعرا هوندا
آزاديءَ جا آڌار، اُٿُو
ٻَنيون، ٻَارا، سُڪن پيا ٿا
گُلڙا ڦُٽن گلزار، اُٿُو
ويري پاڻ ئي سنڌ ڇڏيندو
اهڙي ڪَري گُونجار، اُٿُو
دشمن سان جنگ جُوٽي آ ”سَرڪي“
هُوش سنڀالي هيڪار، اُٿُو