شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

زمانو اسان کي نه سمجهي سگهيو

زمانو اسان کي نه سمجهي سگهيو
اوهان جي نه ڄاتو ته ڇا ٿي پيو

اوهان کان اسان کي مليا ڏُک جيڪي
اسان تن کي سيني ۾ سانڍي ڇڏيو

مٺا مُنهن نه مٽبو اوهان کان ڪڏهن
اوهان ڀل اسان ڏي ڏسو نه ڏسو

محبت جي دعويٰ گھڻن ئي ڪئي
مگر ڪُو، ڪُو اُن تي آ، قائم رهيو

اهي چنڊ، تارا، اکين جي اڳيان
سَڄي رات کٽ تي مون آهي لڇيو

لبن تي رهن ٿيون دعائون اهي
خوشين ۾ هميشه اوهان ئي رهو

”حَسنَ“ سُور، صدما ٿي ناسور ويا
اهڙو گھاءُ دل کي لڳي ڪُو ويو