شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

وفادار، آهيان، وفادار، رهندس

وفادار، آهيان، وفادار، رهندس
تنهنجو يار، آهيان، تنهنجو يار، رهندس

نگاهون جُهڪائي، هَلڻُ مون سکيو آ
حيادار، آهيان، حيادار، رهندس

خطا جي مٿان بس، خطا ٿي وڃي ٿي
خطادار، آهيان، خطادار، رهندس

وڏو مان ڪٿي ٿيو هان، ماءُ، پيءُ جي سامهون
اَڃان ٻار، آهيان، اَڃان ٻار، رهندس

اِها مُرڪَ اکڙين ۾، سَانڍي تون رکجان
تنهنجو پيار، آهيان، تنهنجو پيار، رهندس

ثوابن جي پويان نه هرگز لڳاسين
گنهگار، آهيان، گنهگار، رهندس

”حَسنَ“ کي چَيو تُو اکين جو جياپو
اکين ٺار، آهيان، اکين ٺار، رهندس