شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

ڪڏهن ڪين ڪنهن کان، گلاب مليا

ڪڏهن ڪين ڪنهن کان، گلاب مليا
اسان کي رڳو بس، عذاب مليا

ڀَلُو جنهن جو چاهيو هميشه مون
انهيءَ کان اڳي پو، حساب مليا

چَريُو ڪوئي پاگل، ديوانو آ
زماني جي طرفان، خطاب مليا

ملڻ جي نه ڪوشش، ڪجان هاڻي
اهڙا يار هن کان، جواب مليا

اَڪيلائيءَ سان، دل پيا بهلايون
اسان کي اَدَبَ جا، ڪتاب مليا

گناهن جي دلدل ۾ لاهي ويو.
مون کي ڏُوههَ، هن کي، ثواب مليا

جڏهن ڀي نگاهن، نهاريو آ
اوهان جي مُکَ تي، نقاب مليا

”حَسنَ“ ميڪدي کان پري ٿياسين
نه ڪي سُونهن، ساٿي، شباب مليا