(ڌيءَ پرهه جي پهرين جنم ڏينهن تي)
پِرهَه اکين جو ٺار، بڻي
منهنجو سڀ ڪجهه يار، بڻي
هُونئنءَ ته سڀ کان آهي کٽيو
هُن جي آڏو هار، بڻي
مُکَ تي رابيل ٽڙيا
مُرڪن جا انبار، کڻي
بچپن جو عڪس ڏسان ٿو
سُرهي، سُرهي سار، بڻي
شاهه لطيف رحه جي وائيءَ جيان
تنبوري جي تار، بڻي
پهرين جنم ڏهاڙي تي
بزم ڀريءَ جي بهار، بڻي
جيون جو سرمايو ”حَسنَ“
ماکي، مصري، لار، بڻي