شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

ڪنهن کي وسارڻ، سولو ناهي

ڪنهن کي وسارڻ، سولو ناهي
دل مان ڌڪارڻ، سولو ناهي

وَسَ هلايا، ڏاڍا آهن
نفس کي مارڻ، سولو ناهي

سَڄڻَ سوا، سنسار ۾ سائين
تنها گھارڻ، سولو ناهي

تون به اڪيلو، گھاري ڏسجان
ائينءَ گُذارڻ، سولو ناهي

جيت به ٿيندي آهي جاني
پيار ۾ هارڻ، سولو ناهي

جذباتي لَهجي کي پيارا
ايڏو ٺارڻ، سولو ناهي

سَڀَ جي سامهون تنهنجو ”سَرڪي“
نانءُ اُچارڻ، سولو ناهي