شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

تنهنجو نه اهو مَاڳُ

تنهنجو نه اهو مَاڳُ
جاڳُ، مسافر، جاڳُ

هَلُ ته هلي، ٻُڌئون ڪو
شاهه لطيف جو راڳُ

وقت اچي ويو آهي
سنڌي ٿي تون سُجاڳُ

منزل سامهون اٿئي
اُٿُ، کڻئي نه نڀاڳُ

سڀ کان بهتر آهي
سائي سبزي ساڳُ

عورت دانيهندي رهي
ماريو ويو آ، سُهاڳُ

تنهنجي دل ۾ هجان شل
ڪاٿي آهي ڀَاڳُ

منهنجي موت جي خبر جو
پڙهجان ”حَسنَ“، مُهاڳُ