وَاٽَ ۾ ڪي محبتون، رهجي ويون
گڏ جيئڻ جون حسرتون، رهجي ويون
مون هميشه پيار جي ورکا ڪئي
دل تنهنجيءَ ۾ نفرتون، رهجي ويون
تو وڃي پاسو وتو سُکڙن سَندو
منهنجي لاءِ بس تهمتون، رهجي ويون
جُستجو ۽ آرزو ڪيڏي هئي
خَاڪِ ٿيون سڀ خواهشون، رهجي ويون
چين ۽ آرام حاصل ڪين ٿيو
رُوح جون ڪي راحتون، رهجي ويون
ٻَانهون لُوڏي تو جڏهن ڪيو اَلوداع!
ڪي خوشين جون ساعتون، رهجي ويون
هَا ”حَسنَ“هرڪو هتي مجبور آ
پيار اڌ ۾ چاهتون، رهجي ويون