شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

جيون ٽانڊا، ٽانڊا، سائين.

جيون ٽانڊا، ٽانڊا، سائين.
گھاوَ ڏنا تو اهڙا، سائين

تو ته وڇايا آهن، هٿ سان
رستي ۾ هي ڪنڊا، سائين

مون کي اڪثر لڳندا آهن
ڪُوڪن کان وڌ طعنا، سائين

نالي ۾ رڳو بچيا آهن
پنهنجائپ جا رشتا، سائين

ڌرتيءَ جي هر هڪ ڌاڙي ۾
چورن سان گڏ پنهنجا، سائين

ڪجهه غيرن جا، ڪجهه پنهنجن جا
نانوَ کڻان مان ڪنهنجا، سائين؟

ڪهڙا ڳائي، ڪهڙا ڳايان؟
تنهجا آهن ٿورا، سائين

هر ڪو پنهنجو، لڳندو آهي
پيار جا رنگ نرالا، سائين

”سَرڪيءَ“ جهڙي، شاعر وانگي
حال نه بدليا سنڌ جا، سائين