شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

پنهنجي ڪلهه تي، ڪنهن رُوئي ڏنو

پنهنجي ڪلهه تي، ڪنهن رُوئي ڏنو
مستقبل تي، ڪنهن رُوئي ڏنو

هُنَ جي عادت، ٻين کان مختلف
کلندي کِلَ تي، ڪنهن روئي ڏنو

ٻُڍڙي عورت پَارَ، ڪڍيا ٿي
لاش ڪُٺلَ تي، ڪنهن روئي ڏنو

دردن جي دوزخ سان گڏجي
رُوڊَ تتل تي، ڪنهن روئي ڏنو

ڏينهون ڏينهن، فراڊ ۾ تيزي
مُوجَ اُٿل تي، ڪنهن روئي ڏنو

سُک جي گھڙي ناهي ڏٺي
۽ مشڪل تي، ڪنهن روئي ڏنو

سَندُون هَٿَ سان سَاڙي ”سَرڪي“
ڀَاڳَ رُٺل تي، ڪنهن روئي ڏنو