شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

زمانو چوي ٿو، جدا، ٿي ويا هُون

زمانو چوي ٿو، جدا، ٿي ويا هُون
فنا کان اڳي ئي، فنا، ٿي ويا هُون

ٻُڌايو ڪنهن توکي غلط آهي سڀ ڪجهه
اسان يَرَ ڪٿي، بي وفا، ٿي ويا هُون

اسان کي هميشه، مليون بددعائون
اسان پر سڀن لئه، دعا، ٿي ويا هُون

ڪيو يار محسوس پنهنجي جسم سان
اسان اهڙي گُهلندڙ، هوا، ٿي ويا هُون

حقيقت ۾ سڀ ڪجهه محبت ئي آهي
اسان ابتدا، انتها، ٿي ويا هُون

اچي ماڻِ ڪوئي مزو، زندگيءَ جو
اسان کنڊ، ماکي، مٺـا، ٿي ويا هُون

هيون ڪُجهه، ڪَسايون، ڦِڪايون اسان ۾
اڳي کان به هاڻي، ڀلا، ٿي ويا هُون

سُڃاڻي ”حَسنَ“ کي، ڪيو يَارَ پنهنجو
اوهان بن اسان ڄڻ، سڃا، ٿي ويا هُون