پهريان کان ڀي سُڌريل تقدير، ڏٺم
جاٿي ڪاٿي يار جي تصوير، ڏٺم
مون مسڪين جو ڪوئي ڏُوهه ئي ڪونهي
سُونهن اڳيان جُهڪيل ڪيئي مير، ڏٺم
زخمي دل جي ڪهڙي حالت ٻڌايان؟
دوست! سِڌا نيڻن جا بس تير، ڏٺم
اَمنَ اَمانَ سان تاريخ جي ورقن ۾
ماڻهو سنڌ جا کنڊ ۽ کير، ڏٺم
اُلڪا، کُٽڪا، وهم وڪوڙي ويا ها
ٽُٽل انهن جا آخر زنجير، ڏٺم
راحت، چينُ، سڪون آهي مليو دل کي
سامهون گھڻي وقت کان پو هير، ڏٺم
سيئرُ، سَفرُ به نصيبَ سان آهي پيارا
گھُمي ڏاڍا اُلفت ۾ پِيرَ، ڏٺم.
ڪهڙي دل جي ڳالهه ٻڌايان توکي؟
پنهنجي نيڻن ۾ سدائين نير، ڏٺم
ڀُوڳُ متان تون سِڪَ کي ڀانئين ”سَرڪي“
سُهڻيءَ واري سيني ۾ سِيرَ، ڏٺم