شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

ڪين ٿي مون کان جدا، آ، شاعري

ڪين ٿي مون کان جدا، آ، شاعري
رُوحَ منهنجي جي غذا، آ، شاعري

ڇُو ڀَلا غمگين، دنيا ۾ ٿجي؟
دوست! دردن جي دوا، آ، شاعري

پيار تي پهرو نه ڪوئي، شل هجي
پيار وارن جي صدا، آ، شاعري

مان لکڻ کان ڪين واقف، اڳ هيم
ٿي وئي اڄ، ابتدا، آ، شاعري

مَامَ ۾ کُولي، بيان ڪوئي ڪري
رَازُ لڳندو ڪو ادا، آ، شاعري

ٿي اچي ڪاڏانهن، پتو ڪوئي نه آ؟
لا مڪان ۾، لاپتا، آ، شاعري

ڏينهن ڪافي ٿي ويا، آهن لِکي
ٿي وئي اڄڪلهه خفا، آ، شاعري

پاڻ مونکان، اڄ ”حَسنَ“ آهي پُڇُو
هوندي آخر ڇا، ڀلا، آ، شاعري؟