سَدا سُونهن وارا، سلامت، هجن شَلَ
اکين جا نطارا، سلامت، هجن شَل
هي مستي، رواني، ۽ مهراڻ مُوجون
سنڌوءَ جا ڪنارا، سلامت، هجن شل
ڏسڻ سان ختم ٿي وڃن ٿا مُونجهارا
جيئڻ جا سهارا، سلامت هجن شل
لبن تي اهي ئي دعائون رهن ٿيون
هر ڪنهن جا پيارا، سلامت، هجن شل
وَڌي روشني ٿي وڃي پل گھڙيءَ ۾
اکين جا ستارا، سلامت، هجن شل
هي سُرهاڻ گُلڙن جي چُؤڏس پئي ڏسجي
گلن جا هي کارا، سلامت، هجن شل
ڏهاڙي اِضَافو آ، آلودگيءَ ۾
حَسين هي نظارا، سلامت، هجن شل
هُجن شاد مارو، سُکيا ۽ ستابا
هي ٻنيون ۽ ٻارا، سلامت، هجن شل
لڳي واءُ ڪُوسُو نه ڪوئي به ڪنهن کي
”حَسنَ“ ماڻهو سارا، سلامت، هجن شَلَ