شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

هڪڙي شهر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

هڪڙي شهر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي
ڪنهن جي گھر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

نيڻ جُهڪائي، ويتر مار نه سانئڻ!
تنهنجي نظر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

سنڌ جو هر منظر، تو وانگي پيارو
هن ٿَرَ، بَرَ ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

هر ڪو توکي ياد، ڪري ٿو اُٿڻ سان
پرهه جي پهر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

آهُنِ کان اثر، ڀلا ڪيئن ڇڏائجي؟
ڪنهن جي اَثرَ ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

اکڙين کان منزل، ڏور نه ٿو ڀانيان
مون سان سفر ۾، منهنجي جَانِ، رَهي ٿي