تُو ڏني جيڪا خوشي، وسري نه ٿي
سُونهن تنهنجي سادگي، وسري نه ٿي
مان ڪيان ٿي پيار توسان اُوپرين
پيار واري سَا، گھڙي، وسري نه ٿي
دُوستُ، دلبرُ، دادلو هُو، تُو چيو
دلربا! هيءَ دل لڳي، وسري نه ٿي
رُوبرو تنهنجن اَدائن تي مٺـي
مون ڪئي جا شاعري، وسري نه ٿي
تو نڀائڻ جي ڪئي، ڪُوشش گھڻي
دوست تنهنجي دوستي، وسري نه ٿي
نينهن وارا، ڏينهن ڪيڏا ها ڀلا؟
تو چيو هو زندگي، وسري نه ٿي
عشق جي مان نَانوَ تان صدقي وڃان
تو ڪئي جا عاشقي، وسري نه ٿي
جَامُ هٿڙن سان ”حَسنَ“ کي تُو ڏنو
رات واري مئڪشي، وسري نه ٿي