شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

پيار سان دل سجايم، ڀَلُو ئي ڪيم

پيار سان دل سجايم، ڀَلُو ئي ڪيم
نينهن ڪنهن سان لڳايم، ڀَلُو ئي ڪيم

پَاڻَ پنهنجي هٿن سان ڏئي دل ڪنهن کي
لُوڪَ وارا کلايم، ڀلو ئي ڪيم

پاڻ مونکي ڇڏي، هو ته آهي ويو
مان ته هُن سان نڀايم، ڀلو ئي ڪيم

ڄاڻ پئجي وئي ڪير ڪنهنجو آهي؟
ڪين پنهنجي هلايم، ڀلو ئي ڪيم

راهه ويندي حياتي جي آساني لئه
ڪا رڪاوٽ هٽايم، ڀلو ئي ڪيم

دور ڪُلفت ڪري، ڪُوڙ، ڪيني منجهان
جَانِ پنهنجي ڇڏايم، ڀلو ئي ڪيم

پيار سان جڳ ٺهي ٿو، حياتي ”حَسنَ“
پَيارُ هر جا ورهايم، ڀلو ئي ڪيم