شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

اُهي يَارَ ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

اُهي يَارَ ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا
وفادار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

حيا جو ذَرُو ڪونه ڪنهن ۾ ڏسان ٿو
حيادار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

پنهنجي جَانِ کان وڌ، حفاظت ڪندا ها
پهريدار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

ڪٿي ڀي مَزُو، چين، آرام ڪونهي
مزيدار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

ڏيندا قرب جيڪي هٿن سان سڏي ها
سي قربدار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

نه سمجهي سگھيا دُوستَ دل جي ڪهاڻي
سمجهدار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا