تُوڏي پيرُ وڌائڻ جي، غلطي ٿي وئي
دلبر توکي چاهڻ جي، غلطي ٿي وئي
مَاٺِ ۾ وقت گذاريان هان جيڪر پيارا
دل جي ڳالهه ٻڌائڻ جي، غلطي ٿي وئي
رسمن کي ڀي ٺـُڪرايم تنهنجي ڪري
توکي پنهنجي بڻائڻ جي، غلطي ٿي وئي
سپنا گڏ جيئڻ جا ڪيڏا ڏيکاريئي
اُنهن کي اَپنائڻ جي، غلطي ٿي وئي
يادون عڪس ۽ انهن جائن جا منظر
توسان نظر ملائڻ جي، غلطي ٿي وئي
ڌاريو ته هُئين، پر ويتر ڌاريو ٿي وَئين
بس پنهنجن سان ڦٽائڻ جي، غلطي ٿي وئي
معاف ڪجانءِ پرين، تنهنجي نالي پويان
پنهنجي نَانوَ لکائڻ جي، غلطي ٿي وئي
سپنا سَاڀيان ”حَسنَ“ نه ٿي سگھيا آخر
ٻن روحن کي ملائڻ جي، غلطي ٿي وئي