شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

خبر پئي آ، خوش ٿي گھاري

خبر پئي آ، خوش ٿي گھاري
مون کي وساري، مون کي وساري

ياد جا گھرڙا، ڊاهي هٿ سان
مون کي ڇڏيائين، جيئري ماري

چاهت جي راهن تي اڄ ڀي
دل ٿي منهنجي، هن کي پڪاري

ظالم! کي ڀل، ظلم ڪرڻ ڏي
نيٺ ته ٿڪبو، ماري، ماري

پيار جي ڪُنَ ۾ ڦاٿل ڪوئي
ڪيئَن اڪيلي، ٻيڙي تاري؟

هُن جو ٿيندو، ڇا مان آهيان؟
پُوءِ ڀلا ڇو، مون ڏي نهاري؟

”حَسنَ“ اَڪيلائيءَ جي بَنَ ۾
دل ٿڪجي پئي، ڳوڙها هاري