شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

جنهن کي ڏٺم، پريشان، ڏٺم

جنهن کي ڏٺم، پريشان، ڏٺم
هرڪو پاڻ ۾، حيران، ڏٺم

انسانيت سِج، لَٿي وانگي
پُوئتي هر ڪو، انسان، ڏٺم

جنهن جي نيت ۾، ڪُو کوٽ نه هو
ماڻهو سُوئي، بيمان، ڏٺم

جيڪو ڪنهنجو، چمچو آهي
خاني سُوئي هت، خان، ڏٺم

سائين، سائين واهه، واهه، جاري
ڀَڙوي ماڻهوءَ جو شان، ڏٺم

غربت ڏينهون ڏينهن اڳي آ
گُھرندي مسڪينُ دان، ڏٺم

ماڻهو عيش ۽ عشرت پويان
پُوئين پَهرَ ۾ ايمان، ڏٺم

مذهب ڌنڌو، بڻجي ويو آ
اڳتي هر، هر، شيطان، ڏٺم

ٻَارَ وڪامن، پئسن تي اڄ
مجبورين جو دُڪان، ڏٺم

ڇِرڪُ ڀَري بس ويهي رهيمُ
ڏاڍو ٿيو آ، نقصان، ڏٺم

لُٽجي منهنجو گھر ويو ”سَرڪي“
ڌُوڪيبازُ مهمان، ڏٺم