ڀٽائيرح، سچلرح جو رسالو، چُمان ٿو
محبت جو جنهن ۾ حوالو، چُمان ٿو
وَئي سيئرَ وچ ۾ ، ڪري پيار امرت
مان ميهار، سهڻيءَ جو نالو، چُمان ٿو
ڀٽائيرح چيو آ، نڪي بيت آهن
انهن آيتن جو اجالو، چُمان ٿو
ڀَلي دُوست، دُشمن، چوي ڪوئي مون کي
سچلرح جي سچائي جمالو، چُمان ٿو
رَکي ماروي لَڄَ، ٿرين جي وئي آ
مان عورت مثاليءَ جو نالو، چُمان ٿو
ڪهاڻيون ڪي جڳ ۾، ٺـهن ۽ ڊهن ٿيون
اَڙانگي سفر جو ڪشالو، چُمان ٿو
ڏني سُرڪَ سُهڻيءَ مُرڪي هٿن سان
رَکيل مان اُهو اڄ به، پيالو، چُمان ٿو
ڏسان ٿو پڙهان ٿو، ”حَسنَ“ چَاهه َ منجهان
ڇپيل پنهنجو هر، هر مقالو، چُمان ٿو