شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

تُو پاڻ چيو هو مان ايندس، سَالَ نئي ۾

تُو پاڻ چيو هو مان ايندس، سَالَ نئي ۾
توکي درشن پنهنجو ڏيندس، سَالَ نئي ۾

اُوسيئڙو تنهنجو پيڇو يار، ڇڏي ئي نه ٿو
تنهنجي موٽڻ جي راهه ڏسندس، سَالَ نئي ۾

ڪڏهن به رنجش جي ديوار نه ايندي وچ ۾
توسان مُرڪي هاڻي ملندس، سَالَ نئي ۾

ديسُ سُڃُو ٿي ويو آ، توبن منهنجا سائين
سُڃَ ۾ مان ڪيئنءَ گُذاريندس، سَالَ نئي ۾

هُونئَن ته توسان ڪڏهن، حساب نه ڪيو آهي پَرَ
تو تان قربان مان ٿيندس، سَالَ نئي ۾

ڪي سَالَ وئي ٿي ويا آهن توکي هتان
واپس مُوٽُ، نه ته مري ويندس، سَالَ نئي ۾

”حَسنَ“ وساري ڇڏيان، يا توکي ياد ڪيان
ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ سوچيندس، سَالَ نئي ۾