اِهي غَمَ اوهان جا، اسان جي اکين ۾
پَلنِ بس پيا ٿا، اسان جي اکين ۾
اهڙي چُوٽَ دل کي لڳي ڪا وئي آ
رُڳو يار ڳوڙها، اسان جي اکين ۾
لکيل هو اوهان جو ته نالو انهن ۾
ڏٺو ڪو نه تُو ڇا، اسان جي اکين ۾
زماني ٿي سمجهيو اسان خوش ٿا گھاريون
مگر درد ڪيڏا، اسان جي اکين ۾
ڏسڻ خَوابَ هاڻي ڇڏي مون ڏنا هن
اڌورا ڪي سپنا، اسان جي اکين ۾
اسان کان ڪڏهن ڀي پرين ڪين وسريا
تنهنجي گھر جا رستا، اسان جي اکين ۾
اميدن جو ڏيئُو اجهامڻ کان اڳ ۾
ٻُڌي اَچُ صدا ڪا، اسان جي اکين ۾
”حَسنَ“ جي قبر تي ڇَٽي گُلَ ڪي وڃجان
اها التجا آ، اسان جي اکين ۾