شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

مسافت وڏي آ، سَفرَ ۾، مان هوندس

مسافت وڏي آ، سَفرَ ۾، مان هوندس
مَرڻَ کان پُو جاني، قَبرَ ۾، مان هوندس

نگاهون وڃي آرسيءَ ۾ تون ڏسجان
مٺا ديد تنهنجي، نظر ۾، مان هوندس

محبت سچيءَ جي حقيقت وڏي آ
سَچي دل آ، سائين، جگر ۾، مان هوندس

ڪڏهن ياد ڪنهن کان کسي ڪو سگھيو آ
پَکي ٿي پرينءَ جي، پڌر ۾، مان هوندس

مرڻ کان پو ڳالهيون پيون يار هلنديون
صُبح، شام، سانجهي، ذڪر ۾، مان هوندس

رهيو دين، مذهب، محبت آ، پنهنجو
محبت جي مٺڙا اثر ۾، مان هوندس

متان مُوت سمجهو ته ماري ويو آ
لکيل شعرَ هر هڪ، اکرَ ۾، مان هوندس

لکائي هي ڇڏجو، ”حَسنَ“ جي قبر آ
مِٽي ويسُ منهنجو، پٿر ۾، مان هوندس