شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

حياتي اکين جي اَثرَ ۾، رهي ٿي

حياتي اکين جي اَثرَ ۾، رهي ٿي
اَندر جي ڪهاڻي اَندرَ ۾، رهي ٿي

رهيو پيار ڪاٿي زماني ۾ آهي
مگر ڇوڪري هڪ نَظر ۾، رهي ٿي

سوا تُو سڄڻ جي لڳي ائين ٿو ڄَڻُ
حياتي هي منهنجي قبر ۾، رهي ٿي

جَلي ٿو اُجالو ڪيان زندگاني
محبت اوهان جي جگر ۾، رهي ٿي

سڄڻ سَارَ جو هڪ ته لمحو به ڪونهي
اها ياد هر هڪ پهر ۾، رهي ٿي

ڪٿي دل ٿي غافل محبت کان آهي
صُبح، شام، سانجهي خبر ۾، رهي ٿي

رهيو ڀاڳ پنهنجو نرالو سڀن کان
تڏهن زندگاني قهر ۾، رهي ٿي

هتي مان اَڪيلو، مگر جَانِ منهنجي
”حَسنَ“ خيرپور جي شهر ۾، رهي ٿي