ڪڏهن دل لڳيءَ کان، لنوايو نه آهي
اسان عاشقيءَ کان، لنوايو نه آهي
اسان پيرَ پنهنجا، رکيا پنڌ ۾ هن
پرينءَ جي گھٽيءَ کان، لنوايو نه آهي
توڙي زندگيءَ کان، مليا ڏُکَ آهن
پُو ڀي زندگيءَ کان، لنوايو نه آهي
ڏنو مُنهن اسان هر مصيبت سان مُرڪي
ڏُکي ڪنهن گھڙيءَ کان، لنوايو نه آهي
مُنافق ماڻهوءَ سان نه لڳندي آ، پنهنجي
سَچي آدميءَ کان، لنوايو نه آهي
”حَسنَ“ سِرُ وڃي پر دغا ڪانه ٿيندي
چڱي دوستيءَ کان، لنوايو نه آهي