لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

هڪ معياري تحقيق (اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جي تاريخ)

مانوارو محقق مختياراحمد ملاح ڪافي وقت کان سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي لڳاتار آبياري ڪندو رهيو آهي. هي اُنهن عالمن ۽ محققن مان آهي، جيڪي پاڻ پڏاءُ يا اسٽيجي نمائش کان پاسيرا رهي پنهنجو ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ جيون جي هر پل کي پنهنجي انهيءَ اعلا مقصد سان گهاري پنهنجو جيون سجايو ڪندا رهيا آهن. هو ڏکين حالتن ۽ مصروفيتن هوندي به اهڙا ڪم ڪندا رهيا آهن جيڪي لازوال بڻيا آهن. هونئن به جنهن شخص جي پنهنجي وٿ يا ڪم اعلا هوندو آهي ته اُن کي ڪنهن به پڏاءُ ۽ نمائش جي ڪا ضرورت ئي نه هوندي آهي. سندس پڏاءُ ۽ نمائش پاڻ ئي پڙهندڙ پيا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس وٿ يا ڪم ئي اُن جو اعليٰ تعارف ۽ واکاڻ هوندي آهي. اسان جو هِيءُ محقق ۽ تاريخدان مختيار احمد ملاح خاموشيءَ سان لڳاتار علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪندو رهيو آهي. ساڻس جڏهن به ملبو يا ڪڏهن فون تي ڳالهه ٿيندي ته هو گهڻي ڊيگهه کان پاسو ڪندي، سدائين پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪندو، يعني علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي گفتگو ۽ جستجو سندس موضوع هوندا آهن. هن پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ جيڪي سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب کي شاهڪار ڪتاب ڏنا آهن، انهن تي جيترو به فخر ڪجي اوترو ڪري سگهجي ٿو. سندس هيٺيان ڪتاب ته اهڙا ڪتاب آهن جيڪي سنڌي ادب ۽ ادبي تاريخ جو هڪ خزانو آهي:
(1) سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو
(2) سنڌي ناول جي مختصر تاريخ
(3) سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ
(4) سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختصر تاريخ
(5) سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ
(6) مغربي سنڌ شناس
(7) سنڌ ادب تي هڪ نظر
(8) سنڌي ادب جي تشريحي لغت
مٿيان سمورا ڪتاب ڇپجي ۽ پڙهندڙن وٽ ته مڃتا ماڻي چڪا آهن پر سنڌي ٻوليءَ ۾ به پنهنجي اهم جڳهه والاري چڪا آهن. ڇا اها مڃتا گهٽ آهي ته سندس ڪتابن کي ماخذن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو يا سندس ڪتاب ملڪ جي اعليٰ چٽاڀيٽيءَ جي امتحان لاءِ تجويز ڪيا ويندا رهيا آهن. يا اُنهن ڪتابن تي تياري ڪري نوجوان اعليٰ امتحان پاس ڪري سگهندا رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ ڪنهن محقق، اديب ۽ عالم لاءِ اها تمام وڏي مڃتا آهي. حقيقت ۾ اصل مڃتا ته آهي ئي اُها ته اُن مان قوم کي ڪهڙو ۽ ڪيترو فائدو حاصل ٿئي ٿو.
اسان جي نوجوان محقق جو هِيءُ ڪتاب ”اڻويهين صدي جي سنڌي نثر جي تاريخ“ سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو علمي ۽ تحقيقي ڪتاب آهي جنهن جي اچڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي ۽ آهي. هونئن ته سنڌي نثر تي ٻيا به ڪتاب ۽ مقالا ڪيترن ئي محققن، عالمن ۽ اديبن جا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ 1935ع ۾ ڇپيل ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻي ۽ جمناداس ولڀداس سڏاڻي جو ”چونڊ سنڌي نثر،“ 1951ع ۾ ڇپيل محمد صديق ميمڻ جو ”سنڌي ادبي تاريخ“، 1968ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جو ”سنڌي نثر جي تاريخ،“ 1966ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو ”سنڌي نثر جي تاريخ،“ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي ۽ رام جوهراڻي جا مقالا، ڊاڪٽر حامد علي خانائي جو ”سنڌي نثر نويسي“ انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي آهن. ايم.فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مونوگراف به موجود آهن جيڪي انهيءَ موضوع تي آهن. انهن کان سواءِ ڪيترن ئي ادبي تاريخن ۾ به سنڌي نثر جي تاريخ جا باب ملن ٿا. اسان جي دوست مختيار ملاح جو هِيءُ ڪتاب انهن سڀني کان مختلف آهي. پهرين ڳالهه ته هُن پنهنجي هن ڪتاب ۾ فقط ”اڻويهين صدي جي سنڌي نثر جي تاريخ“ پيش ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ هُن اُن صديءَ ۾ ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سمورين تبديلين جو مستند حوالن سان ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڻويهين صدي هڪ اهڙي صدي رهي آهي، جيڪا سنڌي نثر، ٻولي، رسم الخط، سنڌيءَ جي تعليم وغيره جي حوالي سان گهڻين صدين کان مٿاهين آهي. هن صديءَ وارو دور توڙي جو ڌارين حاڪمن جو حڪومتي دور هو جنهن ۾ سنڌ جا سڀ اختيار ختم ٿي چڪا هئا. سنڌ جيڪو بنهه هڪ خوشحال ملڪ هو، انهيءَ جي اها ساڳي حيثيت ختم ڪري، نه رڳو مٿس قبضو ڪيو ويو پر انهيءَ خوشحال سنڌ کي بمبئي گورنريءَ سان ملائي هر قسم جي اختياري ۽ آزادي ختم ڪئي وئي. البت سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي لحاظ کان هڪ وڏو انقلاب آيو، اهڙو انقلاب جنهن جا اثر نه رڳو ان دور يا هن دور تائين آهن، پر شايد سدائين رهڻا آهن. ڪنهن عالم دوست چيو آهي: ”ته ڪنهن يا ملڪ يا قوم تي ڌارين جي حڪمراني ۽ دٻاءُ جي ڪري محڪوم قوم ۾ حاڪمن خلاف احساس ۽ تحرڪ اُڀرندو آهي. پر پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان ٿيندڙ ناانصافيءَ جو احساس به اُڀري پوندو آهي، اهڙي احساس جي ڪيفيت ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان وڌيڪ لڳاءُ جا جذبا اُڀرندا آهن ۽ اُهي جذبا ئي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقيءَ جو سبب بڻبا آهن. منهنجي خيال ۾ سوين سالن کان سنڌ ۾ ڌارين ٻولين جي دٻاءُ يعني لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سو صديون عربي ٻولي ۽ پوءِ فارسي ٻولي گرديءَ خلاف ماڻهن ۾ سوين سالن کان شديد احساس رهيو. ۽ پنهنجي ماءُ ٻوليءَ جي حق تلفي جو احساس سنڌي ماڻهن ۾ گهڻي زماني کان موجود رهندو آيو، اُن سبب جي ڪري سنڌي عالمن ۽ بزرگن سنڌ جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو هو. 17 ۽ 18 صديءَ ۾ ته اُن جا چٽا ثبوت ملن ٿا ته سنڌي ماڻهن فارسي ٻوليءَ بدران پنهنجي ڏيهي ٻولي رائج ڪرڻ پئي گهري، انهيءَ ڪري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مروج لکتن زور ورتو. سنڌي شاعري ته هونئن ئي عروج تي رهي، پر سنڌي نثر به سگهه وٺندو رهيو، اڻويهين صدي جي شروعات تائين ته ڪيترائي ڪتاب لکجي چڪا هئا ۽ هڪ اهم ڳالهه ٻي به ٿي چڪي هئي جنهن جو اسان جي ذهنن ۾ چٽو ٿيڻ ضروري آهي، اها هيءَ آهي ته سنڌ ۾ بنيادي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ اڳ ۾ ئي ملڻ شروع ٿي چڪي هئي. البت انهن جو رسم الخط مختلف علائقن ۾ مختلف هو. 18 صديءَ کان ته پرائمري تعليم سنڌيءَ ۾ ئي پڙهائي ويندي هئي جنهن جا انگريزن ۽ ٻين تاريخدانن جي رڪارڊن مان به چٽا ثبوت ملن ٿا. ايڇ ٽي لئمبرڪ به لکي ٿو ته:” ٽالپرن جي دور ۾ بنيادي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏني ويندي هئي.“ مطلب ته سنڌ جي پرائمري تعليم به انهي سطح تي پهتل هئي. حقيقت ۾ جيئن اسين پڙهون ٿا، سنڌي ماڻهو ان سطح کان ڪافي مٿاهان هئا. ليوٽالسٽاءِ چوي ٿو ته ”تاريخ جي هر دور ۽ هر انساني معاشري ۾ زندگيءَ جي خاص معنيٰ هوندي آهي. جنهن سان ئي ان جي بلند ترين سطح جو تعين ٿيندو آهي، جنهن سطح تائين اُن معاشري جا ماڻهو پهتل هوندا آهن.“ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته هن صديءَ ۾ هِيءُ تمام وڏو ڪم ٿيو ته نئين رسم الخط جوڙي، سنڌيءَ جي مختلف رسم الخطن بدران هڪ رسم الخط مقرر ڪري، ڄڻ ته سڄي سنڌ جي نه رڳو نثر پر ساري علم، ادب، تاريخ ۽ مستقبل کي ڄڻ ته گڏي وڌو. ڏٺو وڃي ته فارسيءَ کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي سنڌي رسم الخط کي قائم ڪرڻ تمام وڏو ۽ اهم فيصلو هو جيڪو هن دور ۾ انگريز حڪمران ڏيهي ماڻهن جي مدد سان ڪيو. توڙي جو سوين سالن کان سرڪاري لکپڙهه فارسيءَ ۾ ٿيندي رهي هئي، درسگاهن ۾ رائج هئي ۽ سوين ڪتاب لکيل موجود به هئا. اُن دور ۾ هي احساس به اُڀريو ته هيترو سارو آڳاٽو علمي ذخيريو ڪٿي تباهه ته ڪو نه ٿي ويندو پر انهيءَ ڳالهه کي هڪ پاسي رکي جديد رسم الخط جو رائج ڪرڻ سڀني ڳالهين کان مٿاهون ثابت ٿيو. هڪ رسم الخط رائج ڪرڻ ان ڪري به ضروري هو، جو هڪ ته سنڌ جي سرڪاري زبان فارسي هئي ۽ اُها مقامي نه هئي، ٻيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۽ ڪاروبارن ۾ مختلف لکتون جاري هيون، جيڪي اُن سان لاڳاپيل ماڻهو ئي پڙهي ۽ سمجهي سگهيا ٿي، تنهن ڪري اُنهن ۾ ربط به گهٽ هو. اُن ڪري سنڌي قوم لاءِ اُهو ضروري هو ته ڪا هڪ لکت يا رسم الخط هئڻ گهرجي جنهن کي سڄي سنڌ ۾ هر علائقي يا هر ڪاروبار سان تعلق رکندڙ فرد پڙهي ۽ سمجهي سگهي. گهڻي سوچ ويچار ۽ صلاح مشورن کان پوءِ سنڌ حڪومت هندستان سرڪار کي پنهنجي رپورٽ موڪلي ته سنڌ ۾ سنڌيءَ لاءِ هڪ ڪا هڪ رسم الخط هجي ۽ اُن جي تعليم کي وڌايو ۽ پڙهايو وڃي. انهيءَ لاءِ ڪميٽي مقرر ٿي جنهن ۾ ٻه انگريز ماهر، چار سنڌي مسلمان ۽ چار سنڌي هندو مقرر ڪيا ويا، جن وڏي محنت کان پوءِ هاڻوڪي رسم الخط جاري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هاڻوڪي 52 الف ب جي پٽي جاري ڪئي وئي، سنڌيءَ ۾ پرائمري تعليم جاري ڪرڻ لاءِ بجيٽ رکي وئي ۽ ڪجهه ئي عرصي بعد اسڪول به کلڻ شروع ٿي ويا. اهڙي نموني سان ٻين پاسن سان گڏوگڏ سنڌي نثر جي به ترقي ٿيڻ شروع ٿي، هن ڪتاب ۾ مختيار ملاح انهيءَ کوج ۾ ماضيءَ جي پاتالن ۾ پيهي اصل رڪارڊ جا موتي ميڙي، هن ڪتاب ۾ اهڙي نموني سان ڏنا آهن جو سچ پچ ته ڪٿي ڪٿي حيرت ٿئي ٿي. مثال طور70، 80 سالن کان ڇپيل سڀني ادبي تاريخن ۾ جيڪي رسم الخط ڪميٽيءَ جي ميمبر جا نالا پڙهندا رهيا آهيون، انهن ۾ هڪ نالو ته اهڙو به آهي جيڪو اُن ڪميٽيءَ جو ميمبر ئي نه هو ۽ هڪ ميمبر جنهن جو ميمبر هوندي به ڪتابن ۾ نالو ئي ڪو نه ٿو لڀجي! مختيار ملاح وڏي محنت ڪري اُهي ثبوتن سان درستيون ڪيون آهن. توڙي جو هِيءُ ڪتاب ته فقط اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ تي آهي، پر هن ڪتاب ۾ قديم دور کان شروع ٿيندڙ نثر تي به واهه جي نظر وڌل آهي.
هن ڪتاب جي پهرئين سري ۾ ”اڻويهين صديءَ کان اڳ سنڌي نثرنويسي جا اهڃاڻ“ ۾ ڪتاب جي ليکڪ نثر جي لغوي معنيٰ ڏيڻ سان شروعات ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ صفحي 18 کان 48 تائين سنڌي نثر جي اوائل کان اڻويهين صديءَ تائين مختصر ۽ جامع نموني سان تاريخ رقم ڪري، آڳاٽي نثر کان به آگاهه ڪيو آهي. ايستائين جو تاريخ ۾ ملندڙ اوائلي نثري فقرن ۽ محاورن کان ويندي سڌريل نثر تائين جو احوال ڏيئي پڙهندڙن لاءِ هڪ هنڌ تي اهڙي نثري تاريخ ڏني آهي، جو سچ پچ ته ڪيترن ئي ڪتابن جو مواد ڪجهه پنن پڙهڻ سان ئي ملي پوي ٿو. گڏوگڏ تاريخي ڪتابن ۾ ڪيل ڪجهه غلطين جي ڪيل درستي به هن ڪتاب ۾ ملي ٿي. اوائلي دور کان ٽالپرن جي دور تائين جيڪو جائزو ورتل آهي، سو به هڪ عالمانه جائزو آهي. اوائلي لحاظ کان جن بزرگن ۽ عالمن جي نثري ٽڪرن، جملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُنهن ۾ پير صدرالدين، پير مراد شيرازي، نوح هوٿياڻي، مخدوم الياس، شاهه ڪريم، مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم حامد، مخدوم رحمت الله ٺٽوي ذڪر جوڳا آهن، تنهن کان پوءِ انهن عالمن ۽ بزرگن جو ذڪر ٿيل آهي جن جي سنڌي نثر جا ڪتابي وغيره صورتن ۾ نمونا ملن ٿا، جن ۾ فقهي بياض، عزت بن سليمان جو ڪتاب منظوميا ۾ سنڌي عالمن جا ڏنل نثري نمونا، ابوالحسن ٺٽوي، ضياء الدين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله نرئي وارو، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، مولوي عبدالخالق ٺٽوي، جنت الفردوس جو لکيڪ مولانا محمد عرف نصيرالدين، آخوند فتح محمد، مخدوم عبدالواحد، خليفو محمود نظاماڻي ۽ ٻيا بزرگ. هن ڪتاب ۾ ٻيو سِرو ”اڻويهين صديءَ ۾ ملڪي سماجي حالتون“ آهي جنهن ۾ شامل ڪيل مواد ۾ ٽالپرن جي حڪومت جي خاتمي ۽ انگريزن جي قبضي ۽ قبصي کان پوءِ جي حالتن جو بنهه مختصر ۽ دلچسپ جائزو ورتل آهي.
”اڻويهين صديءَ ۾ تعليمي ادارا ۽ انهن جي نثر نويسي جي ترقي ۾ حصو،“ ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر نويسي جي ترقي ۽ ان جا سبب“ سِري هيٺ هي مواد نه فقط پڙهڻ جهڙو آهي، پر هڪ اهم تاريخي رڪارڊ آهن. جن ۾ (1) ”انگريزن علمدارن جو ادبي خدمتون،“ (2) ”سنڌي سنڌي الف ب جي منظوري،“ ۽ (3) ”جديد تعليم،“ هي اهڙا موضوع آهن جيڪي سچ پچ ته تحقيق ڪندڙن ۽ تعليم حاصل ڪندڙن لاءِ ڏاڍا ڪارائتا آهن. هتي آئون فقط هن آخري سِري جي احوال مان هڪ پيراگراف مثال طور ڏيان ٿو: ”1953ع سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي نافض ڪرڻ لاءِ تعليم جي ڦهلاءَ ۽ اسڪولن کولڻ لاءِ 10 هزار روپيا منظور ڪيا ويا. 1854ع ۾ هڪ اسڪول کوليو ويو، جنهن کي بعد ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر نارائڻ جڳن ناٿ وئديا (NGV) جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، ساڳي طرح 1853ع ۾ ڪيپٽن گولڊ اسمٿ جي ڪوشش سان شڪارپور ۾ انگريزي پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو. اهڙي طرح ٻين ننڍن ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪول جي عمارتن ٺهڻ لاءِ سرڪاري منظوري ڏني وئي انهي ڪم لاءِ سرڪار لوڪل فنڊ کان مدد ورتي ۽ ڪيترن ئي سنڌ واسين پئسي جي مدد ڪئي. 1855ع ۾ حيدرآباد ۾ پهريون هاءِ اسڪول قائم ٿيو جيڪو بعد ۾ مسلم ايڊيوڪيشن جي نالي سان مشهور ٿيو. 1858ع سکر ميونسپالٽي مڊل اسڪول قائم ڪيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ 1876ع ميونسپالٽي مڊل اسڪول کوليو.“ هن پيرا مان ئي پڙهي ۽ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جي مصنف ڪيڏي وڏي تحقيق ڪري ڪهڙي سليقي سان پڙهندڙن کي علمي حقيقتون پيش ڪيون آهن.
اهڙي نموني اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر نويسيءَ جي ترقي ۽ انهن جا سبب، تعليم کاتي جو سنڌي نثر جي ترقي ۾ حصو پڻ تاريخي ۽ تحقيقي ٽاپڪ آهن. حقيقت ۾ اهي اهڙا ٽاپڪ آهن جن کي بنياد بڻائي اسان جا نوجوان ليکڪ گهڻو تحقيقي ڪم ڪري سگهن ٿا. ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جا دور“ هن سري سان ڏنل مواد ۾ مانواري محقق ٽي دور ڏنا آهن، (1) ”انگريز اهلڪارن جي رپورٽن جو دور،“ (2) ”درسي ڪتابن ۽ نثري ادب جو اوائلي دور“۽ (3) ”ادبي صنفن جي ترقي جو بنيادي دور“. هنن دورن جو بنهه تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر، سنڌي لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي خدمتون ڪيون ويون، اُنهن جو ته چٽي نموني سان ذڪر ڪيو ويو آهي پر جن جن اُهي خدمتون سرانجام ڏنيون، اُنهن عالمن جو احوال به عالمانه انداز سان پيش ڪري، هن ڪتاب جي اهميت کي اڃا به وڌايو ويو آهي. سنڌ ۾ پهرين نثري ڪتاب جي ڇپجڻ، لغتن ۽ گرامر جي ڪتابن جي ڇپجڻ، ناٽڪ نويسي، سائنسي، جاگرافيائي علمن تي ڪتابن جو ڇپجڻ، سنڌي نثر ۾ تاريخ نويسي جي شروعات اهڙا احوال آهن جيڪي سنڌي نثر علم ادب ۽ ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ ڏاڍا ڪارائتا آهن. هتي لوڪ داستان، قصا نويسي، آکاڻي نويسي، ناٽڪ نويسي، ناول نويسي، مضمون نويسي، پهاڪا، لغت ۽ گرامر نويسيءَ جي ترقي جو احوال به پيش ڪيل آهي ته ادبي تنقيد ۽ حقيق جو رڪارڊ به ملي ٿو. ”اخبار نويسيءَ جي ارتقا ۽ سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي سري سان ڏنل مواد ۾ اسان جي پڙهندڙن لاءِ اِن موضوع تي هڪ مختصر ۽ ڄڻ ته مڪمل تاريخ آهي.
”اڻويهين صدي جي سنڌي نثر جي ٻولي ۽ اسلوب“ هن سري سان ڏنل مواد پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته جديد نثر ڪٿان ۽ ڪيئن ترقي ڪندو، هيستائين پهتو آهي ۽ اُن جو بنياد ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني سان پيو.
هن ڪتاب جو آخري سِرو اڻويهين صديءَ جا ڪي اهم نثرنويس آهي. توڙي جو هن ڪتاب ۾ آڳاٽن نثرن نويسن جو احوال به ملي ٿو، پر هن ٽاپڪ ۾ اُهي نثر نويس شامل ڪيل آهن، جيڪي جديد نثر ۾ بنهه اهم نالا آهن. آخوند عزيزالله کان بولچند ڏيارام تائين ڪُل 55 نثر نويسن جي مختصر حياتيءَ ۽ خدمتن جو احوال اهڙي نموني سان ڏنو ويو آهي، جو سندن لڳ ڀڳ هر پاسو اُجاگر ٿي پوي ٿو. هِيءَ حقيقت آهي ته هنن نثر نويسن جي سوانحي خاڪن ۾ ڪجهه اهڙيون حقيقتون به ڏنيون ويون آهن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ نيون آهن. هن مواد پڙهڻ سان ڪٿي ائين به معلوم ٿئي ٿو ته ڪن نثر نويسن کي جيئن ڪن ڪتابن ۾ اسان پڙهيو يا ٻڌو هو حقيقتون اُن جي اُبتڙ آهن. جنهن لاءِ مختيار احمد ملاح تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي. هتي سچي، ڪسي، کري ۽ کوٽي، مطلب ته هر ڳالهه پڌري ڪري پيش ڪئي وئي آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مختيار ملاح هن ڪتاب ۾ تحقيق جو سائنسي ۽ حقيقي انداز اختيار ڪري محققن، تاريخدانن ۽ نوجوانن لاءِ هڪ نمونو به ڏنو آهي، جنهن کان اسان جي نوجوانن کي ضرور سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.
آئون مٿي به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته مختيار ملاح شروع کان ئي جيڪي ڪتاب لکيا آهن، اُهي سمورا تحقيقي ڪتاب آهن. هو هڪ محقق آهي ۽ گهڻي وقت کان تحقيق ڪندو رهيو آهي، بلڪ آئون هِيءَ ڳالهه ڪندي ڪو وڌاءَ نٿو ڪريان ته اسان جو هِيءُ دوست معياري تحقيقي ڪم ڪندو رهيو آهي، جيڪو نج علمي بنيادن تي ٻڌل آهي. سندس ڪي اهڙا ڪتاب به آهن جن موضوعن تي اڳ به تحقيقي ڪم ٿي چڪو آهي پر جڏهن اُنهن موضوعن تي مختيار قلم کنيو ته هن نه رڳو گهڻو واڌارو ڪيو پر اصل ۽ نيون حقيقتون پيش ڪري، ڪجهه ڳالهين جا رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيا، اها ئي تحقيق آهي. جيڪڏهن ساڳيون شيون ورجائبيون رهيون ته اُن کي تحقيق نٿو چئي سگهجي. مختيار ملاح جو هر ڪتاب انهيءَ لحاظ کان هڪ معياري تحقيقي ڪتاب آهي. سندس هِيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هِيءُ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي وري وري پڙهيو وڃي ۽ هن ڪتاب کي پڙهي تحقيق جون نيون ۽ جديد راهون اختيار ڪيون وڃن جيئن هن ڪتاب ۾ آهن. آئون پڪ سان چوان ٿو ته مختيار ملاح جو هِيءُ ڪتاب پڙهندڙن جي علمي تشنگي کي نه رڳو پورو ڪندو پر مستقبل ۾ ٿيندڙ هن موضوع تي تحقيق لاءِ هڪ ماخذ (Reference) طور ڪتب ايندو رهندو.

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
مڪلي_ ٺٽو
3 اپريل 2017ع