لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

ليکڪ پاران

سنڌ صدين کان شاعرن جي سرزمين رهي آهي، هتي نثر جي آبياري گهٽ ٿي آهي. اڄ به سنڌ ۾لڳ ڀڳ ڏهاڪو هزار شاعر موجود هوندا. ان جي ڀيٽ ۾ نثر نويس ٿورا ملندا. قدرت سنڌ جي مٽيءَ ۾ شاعريءَ جي ڏات وڌيڪ ڀري آهي. اڄ جڏهن سنڌي نثر جي تاريخ کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته، تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته جتي صدين کان سنڌي شاعري ۽ لوڪ شاعريءَ جا هزارين حوالا ملن ٿا، اتي نثر جا حوالا ۽ ڪتاب اوتري تعدا ۾ نه ٿا ملن. اگر ڪي هئا ته اهي يا ته وقت جي دز ۾ضايع ٿي ويا ، يا وري دريافت ٿي نه سگهيا آهن. فقط شاعرن جي شاعريءَ ۾ آيل پهاڪا ۽ چوڻيون، ملفوظاتن ۾آيل قول وغيره سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ سمجهيا وڃن ٿا.
1843ع ۾ جڏهن سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو .1847ع ۾ سنڌ ۾هنن ڪمشنري نظام هيٺ حڪومت شروع ڪندي مسٽر پرنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. هن سنڌ جي تعليم لاءِ خاص جتن ڪيا. اوڻوهين صديءَ جي پوئين حصي ۾سنڌي الف-ب جي جڙڻ، تعليمي ادارن جي قائم ٿيڻ، تعليم جي ڦهلاءَ سبب سنڌي نثر عروج تي پهتل هو، ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ انڌي کي اکيون ملي ويون هجن. سنڌي نثر جي ترقي سنڌ ۾ تعليم جي ڦهلاءَ جو وڏو عمل و دخل هو. جئين جئين تعليم ۽ تعليم ادارا وڌندا ويا، تئين تئين سنڌي نثر جي ترقي ٿيندي وئي. ان جو مطلب اهو ٿو محسوس ٿئي ته سنڌ ۾ سنڌي زبان جي سرڪاري همت افزائي نه هئڻ ۽ تعليم جي سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ڪري اوڻوهين صديءَ کان اڳ سنڌي نثر ترقي ڪري نه سگهيو هو. موجوده تحقيقي ڪتاب اوڻوهين صديءَ جي پوئين اڌ جي ادبي ذخيري جي نشاندهي ۽ انهن استادن ۽ منشين جي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جن مان گھڻن کي اڳ وارين لکيل ادبي تاريخن ۾غير اهم سمجهي نظر انداز ڪيو ويو هو. اهو سنڌ جو ڪلاسيڪل نثر آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي اصليت سان گڏ صورتخطيءَ جي ڪچائي به موجود آهي.
ان جي باوجود مان ڪو پهريون محقق نه آهيان ، جيڪو اوڻوهين صديءَ جي نثري ادب جي تاريخ لکي رهيو آهيان، مون کان اڳ ڪجهه عالم ۽ اديب ان ڏس ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. پر ان سلسلي ۾ عرض آهي ته صرف ٿورن ادبي مورخن ان دور جي صرف چند اديبن جو ذڪر ڪيو آهي. ٿوري تحقيق جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان دور ۾ جيڪي درسي ڪتاب لکيا ويا ۽ ترجما ڪيا ويا، انهن ۾ ادبي رس چس گهٽ هئڻ ڪري محققن جو ان طرف ڌيان نه ڏنو آهي.
1935ع ۾ ڏيارام وسڻمل مير چنداڻيءَ ۽ جمناداس ولڀداس سڏاڻيءَ ”چونڊ سنڌي نثر“ ترتيب ڏئي شايع ڪيو.هي ڪتاب بمبئي يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ جي امتحان لاءِ ”نصابي ڪتاب“ طور ترتيب ڏنو ويو هو.هن ڪتاب ۾ پراڻن لکندڙن جا ليکڪ ڏنا هئا.هن ڪتاب جي اها خصوصيت جا شامل ڪتابن ۾ پهرين دفعو نمودار ٿي، سا اها ته ڏيارام مضمون جي شروع ۾ هر هڪ لکندڙ جي شخصيت ۽ سندس تصنيفن جي بابت مختصر تعارف ڏنو آهي. تنهن کانسواءِ ”سنڌي نثر تي نظر“ جي سري سان هڪ تاريخي مهاڳ به لکيل آهي، جنهن ۾ پهريون ئي دفعو سنڌي نثر جي اوسر بابت مختصر احوال ڏنل هو.
سندس هڪ ٻيو مضمون سنڌو مخزن ۾ به ڇپيو هو. ان جي جواب ۾ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جو مضمون ”قديم سنڌي نثر“ شايع ٿيو. هن مضمون ۾ لکيو اٿائين ته ”منهنجي محترم دوست مسٽر ڏيارام ميرچنداڻي ”سنڌوءَ“ جي آگسٽ واري عدد ۾ سنڌي نثر تي هڪ مختصر مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ ٻين ڪوتاهين کي ڇڏي فقط هن ڳالهه تي بحث ڪرڻ گهرون ٿا ته سال 1850ع کان اڳ سنڌي نثر بيشڪ موجود هو، پر جنهن صورت ۾ لکپڙه اڪثر فارسي ۾ ٿيندي هئي، تنهن صورت ۾ ٿورو ڪو قلمبند ٿيل آهي. اسان وٽ مرحوم مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا نثر ۾ گفتا موجود آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته خبر پوي ٿي ته سنه 1850ع کان سَوَ کن ورهيه اڳي هڪ بزرگ جا نثري مقولا قلمبند ڪيا ويا هئا“.
سنڌي نثر جي سلسلي ۾ ٻيو اهم نالو محمد صديق ميمڻ جو اچي ٿو، جنهن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (1951ع) جي ٻئي ڀاڱي ۾ اوڻوهين صديءَ ۾ اسرندڙ ڪجهه درسي نثري ڪتابن جو شاندار جائزو ڏنو آهي. هن اهي اوائلي ڪتاب پاڻ پڙهيا ۽ انهن تي تنقيدي راءِ به ڏني اٿس. پوءِ وارن اڪثر تاريخ لکندڙ ادبي مؤرخن سندس ئي ڪتاب تان ئي استفادو ڪندا رهيا آهن.
”سنڌ نثر جي تاريخ“ نالي هڪ ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي، جيڪو 1966ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو هو. سنڌي نثر جي اوسر بابت ڊاڪٽر صاحب جيڪو مقدمو لکيو آهي. تنهن مان سنڌي نثر جي اوسر تي چڱي معلومات ملي ٿي. اهو مقدمو واقعي وڏي محنت سان لکيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي نثر جا مختلف دور ۽ انهن جون خوبيون ۽ خصوصيتون پڻ نروار ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه سنڌي نثر جا سرچشما، سنڌي نثر جون خصوصيتون موضوع، عبارت جون خوبيون ۽ نثر جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. الانا صاحب سنڌي نثر جي اوائلي تاريخ تي اڻلڀ حوالا کڻي ثابت ڪيو آهي ته سنڌي نثر جي شروعات سومرن جي دؤر کان ٿي. اڻويهين صدي ۽ ويهين صديءَ جي نثر تي به سٺي روشني وڌي اٿائين.هن ڪتاب ۾اوڻوهين ۽ 20 هين صدي جي 28 مشهور نثر نويسن جي حياتيءَ جو احوال ڏيئي، سندن ادبي خدمتن تي روشني وڌي آهي. ان کان علاوه هر هڪ نثر نگار جي ڪنهن هڪ يا ٻن ڪتابن تان نموني طور عبارت ۾ نقل ڪري ڏني آهي، جيئن پڙهندڙ نثر نگار جي حياتيءَ جي احوال، سندس ادبي خدمتن ۽ عبارت کان چڱيءَ طرح واقف ٿي وڃي.
1968ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ شايع ٿيو. هي ڪتاب پهريون هندستان ۾ شايع ٿيو ، بعد ۾ سنڌ (پاڪستان) ۾ به شايع ٿيو. ويهين صديءَ جي سڄي ادبي تاريخ پروفيسر منگھاڻيءَ پنهنجي اکين سان ڏٺي هئي ، هن اها تاريخ خاص طور تي سنڌي ناٽڪ، ناول، ڪهاڻي ۽ مضمونن وارين صنفن ۾ جي حوالي سان لکي آهي، هن اصل ڪتابن تان حوالا کنيا آهن. ناٽڪ واري باب ۾ڄڻ ته ڪچهريءَ وارو انداز اپنايو اٿس. هن ڪتاب ۾ خاص طور تي انگريزن جي دؤر جي نثر جي تاريخ سهڻي نموني بيان ڪيل آهي. بهرحال، هي هڪ ڪتاب تنقيدي توڙي تحقيق جي لحاظ کان لاجواب آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس“ جي عنوان سان 1983ع ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ پي- ايڇ –ڊي ڪئي. افسوس جو سندس مقالو اڄ سوڌو شايع ٿي نه سگهيو آهي، جنهن جي ڪري اڀياس هيٺ نه آيو آهي، مگر سندس ڪي مضمون ماهوار ”پيغام“ ۽ ماهوار ” نئين زندگيء“َ ۾ شايع ٿيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن نثر نويسيءَ جي علم جي وصف، اڻويهين صديءَ جي ملڪي حالتن، 37 نثر نويسن ، ناشرن ۽ پريسن ۽ ڪاتبن وغيره جو جائزو ورتو آهي.
2003ع ۾ ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب ”برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر“ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ طرفان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ چار مضمون آهن:
i. اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس (ڊاڪٽر مرليڌر جئٽلي)،
ii. برطانوي دؤر ۾ سنڌي مضمون نويسي (هيرو ٺڪر)،
iii. برطانوي دؤر ۾ سنڌي ڪهاڻي (ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي) ۽
iv. برطانوي دؤر ۾ سنڌي ڊرامه نويسي (رام جوهراڻي)
اهي سڀئي مضمون لاجواب آهي، مگر ڊاڪٽر مرليڌر جو مضمون انتهائي معلوماتي ۽ تحقيق سان ڀرپور آهي. ان مضمون ۾هن سنڌي نثر جي هر لحاظ کان پرک ڪئي آهي. ان مضمون ۾ سمايل اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي پوري تاريخ سمايل آهي. مٿئين ڪتابن کان علاوه ، ڊاڪٽر پروفيسر حامد علي خانائيءَ سنڌي نثر نويسيءَ تي مونوگراف لکيو هو. سندس سنڌي نثر بابت ڪي شاندار مضمون نئين زندگي ۽ مهراڻ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن، جن ”ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي نثر“ (نئين زندگي، آگسٽ 1966ع)، ” سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ “ (مهراڻ 4، 1971ع) ۽ ”ٽالپرن جي دور جو نثر نويس“(مهراڻ 1، 1979ع) وغيره اهم آهن. هن پنهنجي تحقيق ۾ خاص طور تي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي نثر نويسيءَ جا ڪي اڻلڀ حوالا ۽ نمونا شامل ڪيا آهن. اهي حوالا انهن دورن جي قديم مذهبي ادب جا بهترين مثال آهن. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ پڻ سنڌي نثر نويسيءَ جي ارتقا بابت ڪي مضمون لکيا، جن ۾ ”سنڌي نثر جي شروعات“ (نئين زندگي ، آڪٽوبر 1964ع) ۽ ”سنڌي نثر جي اسلوب جو ارتقائي خاڪو“ (مهراڻ 1968ع) اهم آهن. عرساڻيءَ صاحب پهرئين مضمون ۾ خاص طور تي ارڙهين صديءَ ۾ لکيل “سنڌين” يا نثري نظم کي سنڌي نثر جو اوائلي دؤر سڏيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڻيجو پنهنجي مضمون ”ڪبت، نثر آهي يا نظم؟“ لکيو ته آڪٽوبر 1964ع جي نئين زندگيءَ ۾ محترم شمس الدين عرساڻي سنڌي جي نثر جي شروعات جو ذڪر ڪندي، ابوالحسن ۽ سندس همعصرن جي ڪبتن کي نثر چيو آهي. انگريزيءَ واري نظماڻي نثر (Poetic Prose) جو اطلاق مٿين بزرگن جي ڪبتن تي ڪيو اٿس، حقيقت ۾ هيءَ هڪڙي ادبي غلط فهمي آهي.آءٌ ثابت ڪندس ته ابوالحسن، ضياءُ الدين ۽ سندن همعصرن جيڪي ڪبت لکيا آهن، سي نظم جو اعليٰ نمونو آهن“. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جوهڪ ٻيو مضمون سنڌي نثر جي اسلوب جو ارتقائي خاڪو به ھڪ تحقيقي مضمون آھي. ھن خاص طرح سنڌي نثر جي مختلف انداز بيان ۽ اسلوب تي تنقيدي نظر وجھي، آڳاٽن اديبن جھڙوڪ؛ ديوان ننديرام سيوھاڻي، منشي اَڌارام، سيد ميران محمد شاھ اول، پرڀداس، قاضي غلام علي ، غلام حسين قريشي، ديوان واڌو مل چنديرام، منشي گرڏنو مل، آخوندعبدالرحيم ، ديوان ڪيولرام وغيره جي لکڻيءَ ۾ فرق ڏيکاري، انھن جو موازنو ڪيو آھي.
گل محمد عمراڻيءَ سي ماهي مهراڻ ۾ ”سنڌي نثر جي اوسر ۽ ان جا ڪلاسڪ نمونا“ جي عنوان سان ٻن قسطن ۾ شاندار مقالا لکيا. ان دور جي ڪتابن جي لسٽن جي سلسلي ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪم الهه رکيي ٻٽ ڪيو آهي. هن جي ڪتابن جي فهرست ”1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ مهراڻ جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل آهي.
اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان ۾ شايع ٿيل درسي ڪتابن جي باري ۾معلومات کي نئين سر سنواري پيش ڪيو آهي. ان سلسلي ۾هڪ اهم ڪوشش، ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ پنهنجي ڪتاب ”پرائمري درسي ڪتابن جو تحقيقي جائزو“ (2012ع) ۾ ڪئي هئي، مگر ان ڪتاب ۾ سائنس ۽ جاگرافيائي ڪتابن ۽ ٻين علمن جي ڪتابن کي شامل ڪيل نه آهي. هن فقط سنڌي درسي ڪتابن جو مختصر جائزو ورتو آهي.
منهنجي هن ڪتاب ۾ڪوشش ڪري حوالا اصل ڪتابن تان کنيا ويا آهن . ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي لائبريرين ۾ رکيل ڪتابن تان مدد ورتي ويئي ۽ عالمن ۽ استادن جي رهنمائي پڻ حاصل ڪئي ويئي آهي. مان سندن ٿورائتو آهيان، جن اڻويهين صديءَ جي لکيل ڪتابن جي سلسلي ۾ مدد ڪئي، ڪوشش ڪري انهن مان ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل پيج به ڏنا ويا آهن ته جيئن اهي تاريخي طور محفوظ ٿي وڃن. ڪتابن جا اهي ٽائيٽل ظاهر ڪن ٿا ته ڪهڙا ادارا اشاعت ڪندا هئا، ڪهڙا پبلشر هئا، ڪهڙي قسم جا ٽائيٽل جڙندا هئا.هن ڪتاب ۾ اوڻوهين صديءَ جي ادبي تاريخ کي وڌيڪ جاچڻ لاءِ ان دور جي سماجي ۽ علمي حالتن جو جائزو به ورتو آهي. خاص طور تي ان دور جي اسڪولن جو سنڌي نثر ۾ جيڪو ڪردار هو، ان کي نروار ڪيو ويو آهي.
اڻويهين صدي بنيادي طور درسي نثري ڪتابن ۾ ترجمن جو دؤر آهي. نثري ادب ۾ جاگرافي، جيالاجي، فزڪس، ڪيمسٽري، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا. هن تحقيق ۾ اهڙن ڪتابن ۽ سندن لکندڙن جو تحقيقي احوال ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ جتي درسي ڪتابن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي، اتي اها به خبر پوي ٿي ته ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصه نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون ، سفرنامي ، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيره جيڪا اڻويهين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪهڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي ، ان جو الڳ الڳ جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون به ساراهه جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو. هن ڪتاب ۾ انهن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي .
هي ڪتاب مختلف بابن يا حصن ۾ ورهايل آهي .سڀ کان اول اڻويهين صديءَ کان اڳ واري نثر نويسيءَ جو ڀرپور جائزو ورتو ويو آهي ۽ حوالن ۽ مثالن سان ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي ادب ۾ نثر نويسي قديم دؤر کان رائج هئي، جيڪا جنگين جي تباهيءَ جي ڪري ضايع ٿي ويئي. اڻويهين صديءَ جي ملڪي حالتن، جن ۾ ٽالپرن جو دور ۽ انگريزن جو دور اچي وڃن ٿا، انهن دورن جي سماجي حالتن جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي . خود اڻويهين صديءَ جي نثر نويسيءَ کي دؤرن ۾ ورهائي ، خوبين، خامين ، ترقيءَ جي سببن کي تلاش ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ هڪ باب موجوده سنڌي الف – ب جي جڙڻ جي دلچسپ واقعن بابت بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ اسان معلوم ڪري سگهنداسين ته:
1. انهيءَ مُنيءَ صديءَ ۾ اسان جا ڪهڙا مصنف ۽ مترجم پيدا ٿيا.
2. انهن جي نثر جو ڇا انداز هو.
3. انهن سنڌي زبان ۾ ڪيترو سرمايو ڪٺو ڪيو، ۽ ٻين زبانن جا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ترجما ڪيا ويا.
4. سنڌي زبان خواهه خط ڪهڙا روپ بدلايا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون ان ۾ رنگ آميزيون ٿيون.
5. انگريزن ڪهڙو نصاب، تعليم لاءِ مرتب ڪرايو، ۽ ان ۾ پنهنجي سياسي مقصدن کي سامهون رکي، ڪهڙي رمز رکي ڇڏيائون.
ڪتابن جي فهرست مان اها خبر پوي ٿي ته ڪهڙا ڪتاب ڪهڙن سالن ۾شايع ٿيا. سنڌي ٽائيپ ڪڏهن ٺهي، انهيءَ سلسلي ۾ به هن ڪتاب مان ڪجهه اندازو ڪري سگهجي ٿو. مثلاً لنڊن ۾ ٽرومپ صاحب ”سنڌي ريڊنگ بوڪ“، 1858ع ۾، ٽائيپ ۾ شايع ڪرايو. 1863ع ۾ لنڊن مان ”سسئي پنهونءَ“ جو قصو ٽائيپ ۾ ڇپيو؛ جرمنيءَ جي لپزگ شهر مان 1866ع ۾ ارنيسٽ ٽرومپ ”شاهه جو رسالو“ ٽائيپ ۾ شايع ڪرايو.ڪتابن کان سواءِ سرڪار طرفان نافذ ٿيل پڌرنامن ۽ اشتهارن جي ٻوليءَ جو جائزو پڻ ورتو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ اڻويهين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. سندن خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب لکيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس به ڏنا ويا آهن. ڪتابن جي عڪسن هٿ ڪرڻ ۾ وڏي محنت ڪرڻي پئي. سڀ عڪس هٿ ٿي نه سگهيا ۽ ڪجهه عڪس بعد جي سالن جا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪي خاص بحث به زير ڇيڙيا ويا آهن، مثال طور سيد ميران محمد شاهه سنڌي الف - ب ڪاميٽيءَ جو ميمبر هئڻ، ڪيپٽن ڊڪسن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ 1851ع ۾ 50 مختصر ڪهاڻيون لکڻ وغيره.هن ڪتاب جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي نثر جي ترقي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، سکر ۽ نوشهروفيروز ضلعن جا اديب وڌيڪ متحرڪ هئا.
مطلب ته هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ادب جي شاگردن ، استادن ۽ عام پڙهندڙن کي سنڌي نثر جي اوائلي ۽ ڪلاسيڪل دور بابت هڪ معلوماتي ڪتاب ميسر ٿئي. ان سلسلي ۾ ڪي خاميون يقيناََ رهجي ويون هونديون ، جن لاءِ اڳواٽ معافيءَ جو طلبگار آهيان. هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن تان مدد ورتي وئي آهي، جن مان انهن جي ليکڪن، پبلشرن جو شڪرگذار آهيان.انهن مهربانن جو به شڪرگذرا آهيان ، جن گمنام نثر نويسن جي معلومات ڳولهي ڏين ۾ مدد ڪئي.ان کان علاوه اقبال احمد شيخ جي مهرباني، جنهن دل و جان سان ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪئي. مان واري دوست رکيل مورائيءَ پراڻا شايع ٿيل ڪتاب تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڊاڪٽر محمد مانجهي جون وڏيون مهربانيون ، جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو ۽ ڪتاب جي مواد م اصلاح لاءِ صلاحون ڏنيون. انهن کان علاوه سائين اعجاز بيگ مرزا، مولانا ادريس سومري صاحب، نياز سرڪي صاحب ، مرزا ڪاظم بيگ صاحب ، محمود ڏاهري صاحب ۽ ٻين انهن سڀني دوستن جون مهربانيون، جن مواد ۽ ڪتابن جا ٽائيٽل پيج ڳولهي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. هتي پنهجي ڀائٽي ڪاشف فياض جي مدد به وسارڻ جهڙي نه آهي، جنهن ڪتابن جي پيجن اسڪينگ ۽ سيٽنگ ڪري ڏني. سڀ کان وڌيڪ ٿورا ۽ مهربانيون شير محمد مهر جون، جنهن ذاتي دلچسپي وٺي ڪتاب کي شايع ڪرايو ۽ توهان تائين پهچايو.

مختيار احمد ملاح
ڪراچي
9 مارچ 2017