لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ (1809- 1876ع)

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي اصل روينيو کاتي ۾ منشي ٿي گهڙيو، ۽ آخر پنهنجي محنت ڪري مختيارڪار ٿيو. سن 1864ع ۾ پينشن ورتائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ وقت ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ صرف ڪيائين. سنڌيءَ ۾ ٽي ڪتاب لکيائين:”سوکڙي“، ”گل يا گلقند“ ۽ ”گل شڪر“. اهي ٽيئي ڪتاب ڏاڍا وڻندڙ آهن. ”گلقند“ ڪتاب هن سن 1871ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ ٻيا ڪتاب به اٽڪل انهيءَ وقت ڌاري لکيل اٿس.ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي لکيو آهي ته ”افسوس جي ڳالهه آهي ته اُهي دستخط ڪتاب 35 سالن کان به مٿي تعليم کاتي جي ڪٻٽن ۾ نڌڻڪا ٿيا پيا هئا ۽ سن 1905ع ۾ سج جي روشني ڏٺائون“.(107)جڏهن ته ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو لکي ٿو ته ” سنه 1864ع ۽ 1870ع جي وچ ۾ ديوان ڪيولرام سلامترا آڏواڻيءَ ٽي عمدا ڪتاب لکيا، جن مان اصليت جي بوءِ اچي ٿي. اهي آهن ”سوکڙي“، ”گل ۽ گلقند“ ۽ ”گل شڪر“، جي سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوعيت رکن ٿا، ۽ اخلاقي نڪتن سان معمور آهن“.(108)

گل شڪر
پهريون پهاڪن جو ڪتاب، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جو “گل شڪر آهي، جنهن ۾ نالي جي نسبت سان ابجد موجب 570 عدد پهاڪا ڏنل آهن. هر پهاڪو نهايت سهڻي نموني سان سمجهايل آهي. اڪثر پهاڪن جو فارسي ۽ هندي متن به سنڌي معنيٰٰٰ سان ڏنل آهي. ڪتاب ۾ پنهنجو مختصر تعارف ۽ ڪتاب جي لکڻ بابت ضروري وضاحت ڪئي اٿس. “مهاڳ” کان پوءِ ديوان ڪيولرام “پهاڪا” لکڻ شروع ڪيا. پهاڪن جي سٽا سنڌي الف – ب وار ترتيب ڏني اٿس“.(109)اصل تان نمونو هيٺ ڏجي ٿو :
اڻندو اها جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي
”هي پهاڪو ظاهري واٽ ۾ ڪوريءَ جي اختياري ڏيکاري ٿو، جڏه تاڃي اڳيانس پکڙيل آهي، اءٌ پيٽي لاءِ نڙو هٿ ۾ اٿس تڏه ڪپڙو گھاٽو اڻي، توڙي ڇڊو ته مرضي سنديس. پرحقيقت جي واٽ ۾ مطلب هي اٿس جو ڌڻي سڀ ڪم لاءِ سگهارو آهي. نه ڪنهن جي صلاح وهيڻو، نه ڪنهن جو دلبو کائي، نه ڪنهنجو مٿس زور هلي، نه ڪنهن جي واهر گهري، جيڪي وڻيس سو ڪري“.(4) اهڙي طرح باب ”ي” تائين جملي 570 پهاڪا تشريح سميت ڏنا اٿس. هن ڪتاب لکڻ لاءِ کيس ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻو پيو ۽ مختلف زبانن مان پهاڪا چونڊي، سنڌي زبان کي مال مال ڪيائين. هن کان اڳ هن موضوع تي ننڍڙا ڪتابچا نڪتا هئا، مگر سنڌي زبان ۾ هن جهڙو جامع ۽ ضخيم ڪتاب ، پهاڪن بابت ٻيو شايع نه ٿيو هو.

گل يا گلقند
ديوان ڪيولرام جي هيءُ ڪتاب به پهاڪن تي لکيل آهي.هن ڪتاب لاءِ پاڻ لکيو اٿائين ته ”هڪڙيءَ مهل هڪڙي سردار سنڌي پهاڪن ٻڌڻ جي دل رکي، تڏهن سو (100) ٻه سا (200) پهاڪا لکائي پهچايامانس. پر ويچار ڪيم، جو پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ملڪ جا اصطلاحي اکر آيا آهن، جن مان ڪي اکر سنڌ جي سڀن ماڻهن کي پڻ سمجهڻ ۾ نه اچن، جن جي ٻولي ماءُ پيٽان آهي، تڏهين ٻين ملڪن جي ماڻهن کي جي پوءِ ٻولي ٿا سکن، سمجهاڻيءَ جي گهرج ڇو نه ٿيندي؟ تنهن خيال تي هن ريت جي ڪتاب جي رٿ ڪيم“.(110) ديوان ڪيولرام جي عبارت پڻ قديم اصطلاح واري آهي. “گل” مان ديوان ڪيولرام جي لکڻيءَ جو مثال ڏجي ٿو:
“هڪڙي ڀيري هڪ ملڪ جو هڪ اڳوڻو راجا جبل ۾ شڪار لاءِ ويو، هڪڙو سندس صاحب گهمندو ڦرندو هڪڙي فقير وٽ، جو سڃ ۾ هڪڙي جبل جي چر ۾ دونهين ٻاريو ويٺو هو، وڃي نڪتو. فقير ان امير کي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ته آءُ فلاڻي ڀاڳئي جو ٻڪرار هوس. جاسين ٻڪرين کي چڱي طرح سنڀاليم ٿي، تاسين ڀاڳئي مان ۽ ڀاوَ سان پيٽ ڪپڙو ڏنو ٿي. پر ڳچ ڏهاڙن کان پوءِ نشي پيڻ جي هير ٿيم، جنهن ڪري ڌڻ جي ٽهل پوري ڪري نه سگهيس. تنهن کان ٻڪريون ڏٻريون ٿيون ۽ بگهڙن گدڙن کاڌيون، تڏهن ڀاڳئي ٻيو ٻڪرار رکي مون کي لوڌي ڇڏيو. جو هاڻ ٽڪر لاءِ وٽان در در ڀٽڪندو. تنهن وانگي تنهنجو راجا پڻ ڌڻيءَ جو در ڌنار آهي، سو جي ڌڻ کي چڱي طرح پاليندو ته واهه نه ته مون وانگي ٿيندو“.(111)

سوکڙي
هن ڪتاب ۾ ديوان ڪيولرام ڪيتريون شاندار آکاڻيون شامل ڪيون آهن، جيڪي ٻولي ۽ پيشڪش جي لحاظ کان وڻندڙ آهن. سندس ڪردار آکاڻي نويسيءَ جي ترقيءَ ۾ اڻ وسرندڙ آهي. ”سوکڙي“ جي پڄاڻيءَ ۾ ديوان ڪيولرام هي نهٺائيءَ سياڻپ جا لفظ، دلپذير تشبيهي نوع ۾ لکيا هئا: ”هن ڪتاب کي ڏاکڙي سان لکيو اٿم. جيتوڙي ته منجهس ڳالهيون ڪچيون ڦڪيون آيون آهن؛ پر سندس مطلب گهڻو سپڪ ۽ سوادي آهي، جهڙو ڪڙيءَ باداميءَ جو تيل. تنهن ۾ ڳالهين جي ڪچائيءَ کي ڏسڻ نه گهرجي ۽ سندن حاصل ئي ڏسجي، جهڙيءَ پر اَڪ ۾ ماکي ڏسي اَڪ جي ڪڙائيءَ کي نه نهاري ماکي لاهجي؛ سو ڇو ته ڪم ماکيءَ سان آهي. تنهن وانگر ڳالهين جي ڪچائيءَ تي باداميءَ جي ڪڙائيءَ ۽ اَڪ جي کاراڻيءَ طرح ڌيان نه ڪري مطلب جو تيل ۽ ماکي هٿ ڪبا ته گهڻن ڏکن جي ڏوار لاءِ ٻُڪِي ٿيندي. ۽ هن ڪم ۾ ڳالهين جي ڪچائيءَ ڏي ڏسڻ اهڙو آهي جهڙو مک سڄو بُت ڇڏي ڦٽ تي وهي! تنهڪري چڱو هي آهي ته ڀنور وانگي ڳالهين جي جهنگ مان ڳڻن جو واس وٺجي“.(112) ڪتاب مان سندس نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”پورهيت هڪڙي گهڻا پورهيا ڪري سؤ روپيو گڏ ڪيو هو. هڪڙي ڏينهن پرڏيهه ڏي تيار ٿيو. هي روپيا ڌراوت رکڻ لاءِ کڻي هڪڙي هٽائيءَ وٽ ويو، پر هٽائيءَ ڌراوت رکڻ جي نه ڪئي. اُن ڳالهه تي پورهيت ۽ هٽائيءَ جو پاڻ ۾ ڳچ سوڌو چؤٻول ٿيو. ڇو جو ڌراوت رکڻ لاءِ پورهيت ماندو ۽ هٽائي ڀڄندڙ. ايتري ۾ ڳوٺ جي قاضيءَ جي ٻانهي دمڙيءَ جو تيل وٺڻ آئي، پر هٽائيءَ ۽ پورهيت جي رڳڙي ڪري ويرم لڳيس. تنهن کان قاضيءَ ويرم جو سانگو پڇيو. تنهن پورهيت ۽ هٽائيءَ جي سؤ روپين جي ڌراوت جي ريڙهه پيڙهه جي ڳالهه ڪري سڻايس“.(113)