لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

اخبار نويسي جي ارتقا ۽ نثر نويسيءَ جي ترقيءَ ۾ حصو

سنڌي نثر جي ترقي ۾سنڌي اخبارن ۽ ادبي رسالن جو وڏو حصو رهيو آهي، جنهن کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اخبار نويسيءَ جي ڪري سنڌي ادب ۾ مضمون نگاري، سوانح نگاري ، تنقيد ۽ تحقيق وغيره جي شروعات ٿي. سياسي، سماجي ۽ مذهبي موضوعن تي نثر نويسيءَ ۾رائج ڪيو ويو. اڻويهين صديءَ جي پوئين  اڌ کان وٺي آخر تائين، جتي يورپي ماڻهو اخبارون ۽ رسالا شايع ڪندا رهيا، اتي ڏيهي ماڻهو پڻ انهيءَ ميدان ۾ گهڙي آيا. سنڌ ۾ سڀ کان اول انگريزي ۽ فارسي اخبارون جاري ٿيون. پوءِ سنڌي اخبارون نڪتيون. بعد ۾ گجراتي، گرمکي ۾ به اخبارون جاري ٿيو. 

انگريزي اخبارون
هندستان جي برطانوي اخباري دنيا جي پروپئگنڊا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي مان پهرين انگريزي اخبار''Kurrachee Advertise'  جاري ڪئي وئي، سنڌ ۾ چارلس نيپيئر جا مخالف جڏهن اهو پڇندا هئا ته اها اخبار ڪنهن جي سرپرستي هيٺ ٿي نڪري ۽ جڏهن حقيقت جي خبرپوندي هئن ته ماٺ ٿي ويندا هئا، ڇو جو اهي ۽ ٻيا سڀ انهيءَ نقطي تي متفق هئا ته انهيءَ جو سرپرست سر چارلس نيپيئر هو. جڏھن تھ ”Sind Kossid “پارسين جي ملڪيت هئي.مضبوط مالي بنيادن تي بيٺل هن اخبار اڳتي هلي هن ملڪ ۾ اخبار نويسي جا بنياد مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1854ع هڪ ٻي انگريزي اخبار “Scindian” چالو ٿي“.(1)

مفرح القلوب
انهيءَ وقت جي هڪ مشهور عالم، مرزا مخلص علي (وفات 1877ع) ڪراچيءَ ۾ ليٿو پريس شروع ڪئي. هن سن 1855ع ۾ “مفرح القلوب” نالي هڪ فارسي هفتيوار اخبار جاري ڪئي. اها اخبار باقاعدي 1906ع تائين شايع ٿيندي رهي. آخري سالن ۾ سکر مان نڪرندي هئي. مرزا مخلص عليءَ جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ مرزا محمد شفيع، اخبار جو ايڊيٽر بڻيو. سن 1883ع ۾هن جي وفات کانپوءِ سندس ڀائر مرزا محد صادق• ۽ پروفيسر محمد جعفر (وفات 1913ع) اخبار جا ايڊيٽر ٿيا. هنن اخبارن سنڌ ۾ پنهنجو نالو ته ڪمايو مگر سنڌي ادب جي خدمت ڪري نه سگهيون، ڇو جو اهي سنڌيءَ ۾نه هيون“.(2)

فوائد الاخبار 
”مفرح القلوب“ جي جاري ٿيڻ کان اٽڪل ٽي سال پوءِ سن 1858ع ۾ “فوائد الاخبار” نالي هڪ هفتيوار ڪراچيءَ مان شروع ڪئي ويئي.هيءَ  هفتيوار اخبار سنڌي ۽ پارسي ٻوليءَ ۾شايع ٿيندي هئي. اخبار جو پهريون پرچو پندرهين مئي 1858ع تي جاري ٿيو. اخبار گورنمنٽ پريس ۾ڇپبي هئي. منجهس مختلف موضوعن تي ليک ۽ مضمون شايع ٿيندا هئا“.(3) جن مان اڪثر ڪري تعليم، تعليم جي ترقي ۽ اوسر تي لکيل هوندا هئا. هن اخبار جي پهرين پرچي ۾سنڌ جي تاريخ، زراعت، سائنس، برصغير توڙي يورپ جي واقعن ۽ حالتن تي مضمون ۽ خبر ناما شايع ٿيا هئا. اخبار، تعليم کاتي طرفان جاري ڪئي ويئي  هئي. ۽ ان جي تقسيم ذري گهٽ اسڪولن ۽ مڪتبن تائين محدود هوندي هئي“.(4)

مطلع خورشيد
”ادبي معيار کان ڏسجي ته فارسي- سنڌي اخبارن ۾ “مطلع خورشيد” وڌيڪ اوچي معيار جي اخبار هئي. اها “مفرح القلوب” جي مالڪ مرزا مخلص عليءَ سنه 1860ع ۾ سکر ۾ جدا ليٿو پريس برپا ڪري، شايع ڪرڻ شروع ڪئي هئي. انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر مرزا مخلص عليءَ جو پٽ مرزا محمد شفيع“مشتري” هو. اخبار ۾ ٻه ڪالم هوندا هئا. هڪ ڪالم ۾ فارسيءَ ۾ مواد ڏنل هوندو هو ۽ انهيءَ جي سامهون ٻئي ڪالم ۾ان جو سنڌي ترجمو هوندو هو“.(5) مطلع خورشيد“ جي اصل سنڌي عبارت (1860ع)  مان ڪي مثال:مخلتف ملڪن ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي پيدائش متعلق هڪ مضمون ڇاپيو ويو آهي، ان ۾ لکيو ويو آهي:
”ملڪ رشيا ۾ درخت بالوتجا گڻا آهِنِ ۽ قسم ميونجا بي چنڱا ٿيندا  آٰهن ۽ هن هنڌ درخت سڻي جا جر انکءَ رَسا ۽ ٻيا جوڙيندا اٰهِنِ گڻا پيدا ٿيندا اٰهن ۽ هن هنڌ ڪڻج کاڻيءَ انڱر ۽ لوهه ۽ ٽا۾ جيءٌ بي اٰهن ۽ لوڻ هنجاءِ گڻونَ ٿو پهچي ۽ طرف ڏکڻ هن ملڪ جي پوک جَوَن جي کڻي ٿيندي آهي سامان سودا گري هن هنڌ جو چربي ۽ چم ۽ سمور ۽ سڻي ۽ اَنّ جَوَنجو آهي واپاري هن هنڌ جا پاڻ ۾ اتفاق ڪري قافلي جي طرح سامانکي واٽ خشڪيءَ کءٌ  چين ۽ وچ رشيا ٿا نين يورپ ڏي مٿي جهازن ڪنا درياء بلاڪسي يعني ڪاري پاڻيءَ ۽ بالٽک ۽ درياء ويٽ سي جي ٿا نِين ۽ بادشاهي هن ملڪ جي نسبتون ٻين ملڪن جي گڻي وڏي آهي ۽ جيڪو بادشاه هن ملڪ جو ٿو ٿئي تهکي قيصر ۽ شهنشاه ٿا چون ۽ ماڻو زياده پنجن ڪروڙن ۽ چاليهن لکن کءٌ هن ملڪ۾ رهندا آهن وٽا رهندا اڳي هفتي ۾“.(6)

سنڌ سڌار
”سنڌ سڌار“ پهرين سنڌي اخبار آهي، جيڪا سموري سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. هيءَ هفتيوار اخبار 1866ع کان سنڌ جي سرڪار تعليم کاتي طرفان جاري ڪئي ويئي هئي ۽ سرڪاري ليٿو ڇاپخاني ۾ ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيندي هئي.اخبار هر جمعي تي شايع ٿيندي هئي . وقت به وقت اخبار جي قيمت ۾ ڦيرگهير ايندي رهندي هئي. اخبار جو پهريون ايڊيٽر مرزا صادق علي بيگ هو.  هيءَ اخبار پنهنجي دؤر ۾ مشهور تعليمي ۽ ادبي سنڌي اخبار هئي. منجهس مضمون، ڪهاڻيون ۽ شعر وغيره شايع ٿيندا هئا. شاعريءَ تي تنقيد ۽ علمي بحث کي به  اخبار ۾ جوڳي جڳهه ڏني ويندي هئي.
 ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي  لکيو آهي ته؛ ”سنڌ سڌار“ پهريون هفتيوار رسالو آهي، جيڪو سمورو ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ هو. اهو سن 1866ع ۾سنڌ ي تعليم کاتي طرفان شروع ڪيو ويو.  ان جو سمپادڪ نارائڻ جڳن ناٿ وئديه هو ، جيڪو سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو. سال 1884ع ۾ سرڪار ان جي هلائڻ جو بار ”سنڌي سڀا“ کي سونپيو، جنهن لاءِ ساڌو هيرانند کي  ان جو سمپادڪ مقرر ڪيو“.(7)
”1884ع ۾ هيءَ هفتيوار اخبار “سنڌ سڀا” نالي هڪ خانگي جماعت جي حوالي ڪئي وئي انهيءَ کان پوءِ ساڌو هيرانند هڪ سو پنجهتر روپيه ماهوار تي، هن اخبار جو 1887ع نومبر تائين، لڳاتار چار سال ايڊيٽر ٿي ويو. هن پنهنجي ايڊيٽريءَ واري زماني ۾ سنڌ جي سماجي توڙي سياسي حالتن تي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ليک ۽ مضمون لکيا. هن اخبار جي ادار ۾ ديوان ڏيارام گدومل سندس ساٿي ٿي بيٺو ۽ هر حال ۾ پيو سندس مدد ڪندو هو. پر کيس ساڌو هيرانند کان پنج مهينا اڳ ڪراچي ڇڏي حيدرآباد وڃڻو پيو“.(8)
سنڌ سڌار، سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ هڪ آڳاٽي ۽ جهوني اخبار هئي، هن جي جاري ٿيڻ کان ٻارهن سال اڳ ئي سنڌي رسم الخط جي موجودهه  الف- بي ٺهي هئي. انهيءَ ڪري اخبار جي ٻولي، سنڌي رسم الخط ۽ ان جي ارتقا جو سهڻو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
”ڏسجي ٿو ته ڪي ماڻهو اخبار جي قيمت يا نوٽيس جي ڇپائے جا پئسا ٽڪلين وسيلي موڪلين ٿا پر اسانوٽ ٽڪلين جو کاپو نه آھے. تنهن ڪري سڀني ماڻهن کے سڌ ٿي ڏجي ته جئھ ماڻهو کي اخبار سنڌ سڌار جي قيمت بابت يا نوٽيس جي ڇپائي بابت اسانڏانھ، پئسا موڪلڻا هجن ته اهو اهي نقد پئسا تعلقي جي مختيارڪار جي آفيس ۾ اسانجي پهچائڻ لاءِ جمع ڪري ته اسانکي پهچندا پر جيڪڏههِ ڪنهن کي مختيارڪاري ۾ پئسا پهچائڻ اهنجا لڳن يا تعلقه خزانو ٻئي شهر ۾ هجي.........“.(9)
شفيع محمد علوي سنڌ سڌار جي حوالي سان لکي ٿو ته 1866ع ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي طرفان ”سنڌ سڌار“ نالي هڪ اخبار جاري ڪئي ويئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته سنڌ ۾ نئين ٺاهيل سنڌي صورتخطيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪري، ان ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿئي“.(10) هن رسالي ۾ ملڪي، سماجي، تعليمي ۽ ادبي سرگرمين جي احوالن سان گڏ ادبي مضمون ۽ شعر ڇپجندا هئا.

سنڌ آفيشل گزيٽ 
”هيءَ سرڪاري گزيٽ 1868ع کان وٺي هر هفتي شايع ٿيڻ لڳي. جنهن ۾ سرڪاري پڌرايون ۽ اهم اعلان وغيره شايع ٿيندا هئا. گزيٽ اصلي انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندي هئي، پر ان جو گڏو گڏ سنڌي ترجمو به ڏنو ويندو هو. هيءَ گزيٽ ڪمشنرس پريس ۾ شايع ٿيندي هئي. ۽ ان جي تقسيم سرڪاري دفترن تائين محدود هوندي هئي“.(11)

سرسوتي
”سرسوتي“ سنڌي ٻوليءَ ۽ عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾پهريون ماهوار رسالو آهي، جيڪو ساڌو هيرا نند آڏواڻيءَ نومبر 1890ع ۾ حيدرآباد  سنڌ مان شروع ڪيو. هن رسالي جو ساليانو چندو هڪ رپيو هو. ڏيارام گدومل ان رسالي جو وڏي ۾ وڏو مددگار هو. ان رسالي جو هڪ وڏو مقصد اهو به رکيو ويو هو ته ان ذريعي عورتن جي مسئلن کي نروار ڪجي. ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو لکي ٿو ته ”هن رسالي جي ٻي خوبي هيءَ هئي ته هن مذهبي ڇيڙڇاڙ کان هميشه پاسو پئي ڪيو ۽ فرقيوارانا ذهنيت کان گهڻي ڀاڱي آزاد رهيو جيڪا ڳالهه لکندڙن ۽ هلائيندڙن جي وسعت نظري جي نشاندهي ڪري ٿي. 1895ع ۽ ان جي لڳ ڀڳ جي زماني وارين ”سرسوتي“ جي لکڻين ۾ به هن دور رس اثرات رکندڙ ماڻهوءَ جي قلم جي تقليد ۽ پوئيواري واري پاليسي نظر اچڻ گهرجي. 
مارچ 1893ع جي اشاعت ۾، هن رسالي جي جرئتمندانه پاليسي هيٺئين خبر مان بکي ٿي. حيدرآباد سنڌ ۾ هڪ ان وقت جي ٿيل تقرير جو حوالو ڏيندي، سرسوتي جي خبر جو هي اقتباس گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو:
”وائسراءِ 25 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻي ٿو سو بلڪل گهڻو آهي. ان کي گهٽائي پندرهن هزار ڪرڻ گهرجي ۽ هندستان ۾ ٽيهتر هزار انگريز سپاهه جو اصل کپ ڪونهي، پنجاهه هزار بلڪل گهڻو ٿيندو“.(12)

معاون
هندستان جي عليڳڙهه جي علمي ۽ تعليمي تحريڪ کان متاثر ٿي سنڌ ۾ ”انجمن محمدي“ جي سهاري هيٺ سنه 1875ع ۾ ڪراچي سنڌ ۾ حسن علي افنديءَ ”سنڌ مدرسته الاسلام“ جو بنياد وڌو، ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ جديد انگريزي تعليم ۽ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ”معاون“ نالي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ رسالو سنه 1890ع ڌاري جاري ڪيائين. هن رسالي سنڌي مسلمانن جي ذهنن ۽ خيالن ۾ ڪافي انقلاب آندو، جنهن جا ڏاڍا سٺا نتيجا نڪتا“.(13)

سڌار پترڪا
ساڌو هيرا نند جي وڏي ڀاءُ ساڌو نولرا آڏواڻيءَ سنڌي ٻوليءَ  ۽ گرمکي رسم الخط ۾ “سڌار پترڪا” نالي ٻئي ماهوار مخزن شروع ڪئي. انهيءَ جو مکيه مقصد هو، سنڌي هندو ڇوڪرين ۽ عورتن کي ڌرمي تعليم ڏيڻ ۽ منجهن نئين سجاڳي پيدا ڪرڻ“.(14) 

جوت اخبار
”جوت اخبار 1896ع ۾ شروع ٿي، جنهن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ پرمانند به شامل هو، جيڪو انهيءَ جو سنڌي ڀاڱو ”کيمچند“. سان گڏجي سنڀاليندو هو. 1900ع پرمانند انهيءَ اخبار جو مُک ايڊيٽر ٿيو ۽ مرڻ گهڙِيءَ تائين ان سان لاڳاپيل رهيو. ان جي لکيتن کي وري ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. انهي ۾ ڇپجندڙ چونڊ لکڻين جو پهريون ڳٽڪو 1904ع ۾ ”دل بهار“ جي نالي سان شايع ٿيو. دل بهار چئن ڀاڱن ۾ ڇپيو، جن کي پرمانند پاڻ ترتيب ڏنو. جوت جي لکيتن جي ٻي چونڊ ”گل ڦل“ جي نالي سان پيش ڪئي ويئي“.(15)
سنه 1899ع ۾ شيخ محمد سليمان، سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد يعقوب جي ڪوشش سان سکر مان ”الحق“ اخبار جاري ڪئي. هڪ سال بعد اخبار کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ليڪن 1907ع ۾ وري کيس پنهنجي ماڳ موٽايو ويو. هن اخبار جو مقصد سنڌي مسلمانن ۾ آزاديءَ جو شعور، سياسي، سماجي، تعليمي ۽ اخلاقي حالت سڌارڻ هو.
جڏهن ته ٻيون به ڪيتريون ئي اخبارون اڻويهين صديءَ  جي آخر  ۾ نڪرنديون رهيون جن ۾“پرڀات”،  “ معين الاسلام”  ۽  “خير خواه” وغيره اهم آهن.

حوالا
1. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: ”سنڌ جو سڀ کان آڳاٽيون اخبارون“، ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ
2. موتيرام ايس رامواڻي :”سنڌ ۽ اسان جو ورثو، پرڪاشن،بمبئي،1994ع، ص 289
3. ساڳيو حوالو، ص  189
4. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾حصو“ ،(پي ايڇ ڊي ٿيسز، قلمي)، ص 77
5. موتيرام ايس رامواڻي : ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو، پرڪاشن،بمبئي،1994ع، ص 290
6. غ. م. گرامي: سنڌي ليٿو گراف سنڌي رسم الخط ۽ اسلوب بيان جي ارتقا تي هڪ نظر، سي ماهي مهراڻ،  1964ع
7. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي  دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 60
8. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾حصو“،(پي ايڇ ڊي ٿيسز، قلمي)، ص 77، 78
9. سنڌ سڌار ۾ ڇپيل هڪ اشتهار، جلد 13، نمبر 9،ماهه، سيپٽمبر 1878ع، ص1
10. شفيع محمد علوي: ”پهرين صدي مخزن“، مهراڻ جا موتي، پاڪستان پبليڪشن،  ڪراچي
11. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾حصو“،(پي ايڇ ڊي ٿيسز، قلمي)
12. ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1988ع
13. قريشي حامد علي ”خانائي“:”سنڌي زبان جا ادبي ماهوار رسالا“، سي ماهي مهراڻ، 1981ع، نمبر 2
14. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: “اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي  دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 60
15. آن لائين انسائيڪلو پيڊيا ”پرمانند ميورام“